Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:49 - Sindhi Bible

49 ۽ جو مون کي پنهنجن دشمنن مان ڪڍي وٺي ٿو: هائو، جيڪي منهنجي مٿان ڪاهي اچن ٿا تن جي مٿان تون مون کي چاڙهين ٿو: تون مون کي ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇڏائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

49 ۽ جنهن مون کي دشمنن کان بچايو آهي، تنهن جي شل واکاڻ پيئي ٿئي! اي خداوند! مخالفن جي ظلم کان تو ئي مون کي بچائي ورتو آهي، بلڪ مون کي انهن مٿان سرفراز ڪيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:49
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، اُهو ڪوشي آيو؛ ۽ ڪوشيءَ چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي لاءِ خبر: ڇالاءِ جو خداوند اڄوڪي ڏينهن تنهنجو وير سڀني ماڻهن کان ورتو آهي جن تنهنجي برخلاف ڪمر ٻڌي هئي.


۽ دائود کي پڪ ٿي تہ خداوند مون کي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر اعليٰ ڪيو اٿس.


اي خداوند مون کي خراب ماڻهوءَ کان ڇڏاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان بچائيم.


اي خداوند مون کي بڇڙي جي هٿ کان بچاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان محفوظ رک جن جو ارادو آهي تہ ڌڪا ڏيئي منهنجا پير کسڪائين.


هو مونکي منهنجي دشمنن کان ڇڏائي ٿو، هائو جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن تي تون مون کي سرفراز ٿو ڪرين: تون ئي مون کي ظالم کان ڇوٽڪارو ٿو ڏين.


تنهنجيءَ مدد سان اسين پنهنجن دشمنن کي ڌڪي ڪيرائينداسين: جيڪي اسان جي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن کي تنهنجي نالي جي ڪري لتاڙي ڇڏينداسين.


اي زوراور ماڻهو، تون بڇڙائيءَ تي پاڻ کي ڇو ٿو پڏائين؟ خدا جي رحمت دائمي آهي.


پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.


هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ