Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:46 - Sindhi Bible

46 ڌاريا ماڻهو ساڻا ٿي ويندا، ۽ پنهنجن قلعن مان ڏڪندا نڪري ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 هائو، اهي همت هاري ڏڪندي ڏڪندي پنهنجن قلعن مان نڪري اچي پيش پيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:46
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو.


انهيءَ لاءِ تہ جڏهن خداوند زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو، تڏهن اهو ٽڪرن جي غارن ۾ ۽ ڏونگرن جي ڦاٽن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائي جي جلال کان وڃي لڪي.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


۽ جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ڪرمل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تہ بہ آءٌ هنن کي ڳولي ڪڍندس؛ ۽ جيتوڻيڪ هو منهنجي نظر کان گسائي سمنڊ جي تري ۾ وڃي لڪندا، تہ بہ اُتي آءٌ نانگن کي حڪم ڏيندس تہ کين ڏنگي وڃن.


هو نانگ وانگي مٽي چٽينديون؛ ۽ زمين جي سرڻن وانگي هو پنهنجن ٻرن مان ڏڪنديون ٻاهر اينديون: هو خداوند اسان جي خدا وٽ ڊپ سان اينديون، ۽ تنهنجي ڪري ڊڄنديون.


ڇالاءِ تہ سج اُڀرندي ئي جهولو لڳڻ شروع ٿو ٿئي، جو گاهہ کي سُڪائي ٿو ڇڏي؛ ۽ انهي جو گل ڪِريو پوي، ۽ سندس خوبصورتي گم ٿيو وڃي؛ انهي طرح دولتمند ماڻهو بہ هلندي هلندي ڪومائجي ويندو.


تڏهن هنن ٻنهي فلستين جي فوج وٽ وڃي پاڻ کي ظاهر ڪيو: ۽ فلستين چيو تہ ڏسو، عبراني جن غارن ۾ وڃي لڪا هئا تن مان نڪري پيا اچن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ