Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:40 - Sindhi Bible

40 ڇالاءِ جو تو مون کي جنگ جي لاءِ زور سان ڪمر ٻڌائي آهي: جيڪي سنبري مون تي ڪاهي آيا تن کي تو جيتي منهنجي هيٺان ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:40
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ اها مٿس پوشاڪ وانگي پيئي هجي، ۽ سندس چيلهہ ۾ سدائين سندري وانگيان ٻڌي پيئي هجي.


هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


اهو خدا آهي جو طاقت سان منهنجي ڪمر ٿو ٻڌي، ۽ منهنجي واٽ ڪامل ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو تو منهنجيءَ چيلهہ کي جنگ جي لاءِ طاقت سان ٻڌو آهي: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا تن کي منهنجي تابع ڪيو اٿيئي.


تنهنجيءَ مدد سان اسين پنهنجن دشمنن کي ڌڪي ڪيرائينداسين: جيڪي اسان جي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن کي تنهنجي نالي جي ڪري لتاڙي ڇڏينداسين.


آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس:


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


۽ سندس جلال جي قدرت موجب، هر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگهو؛


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


۽ دائود ۽ سندس ماڻهو قعيلہ ڏي وڃي فلستين سان وڙهيا، ۽ انهن جو چوپايو مال آندائون، ۽ اُنهن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌائون. انهي طرح دائود قعيلہ جي ماڻهن کي بچايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ