Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:39 - Sindhi Bible

39 مون انهن کي نابود ڪري ڇڏيو، ۽ اهڙو وڍي ماريو جو هو اُٿي نٿا سگهن: هائو هو منهنجن پيرن هيٺ ڪري پيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 هائو، مون کين اهڙو چڪناچور ڪيو جو اُهي اُٿي ئي نہ سگھيا، بلڪ سندن لاش اچي منهنجي پيرن ۾ ڪريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:39
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تو مون کي جنگ جي لاءِ زور سان ڪمر ٻڌائي آهي: جيڪي سنبري مون تي ڪاهي آيا تن کي تو جيتي منهنجي هيٺان ڪيو.


۽ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن وڏا وڏا پٿر ۽ قيمتي پٿر ٽُڪي ڪڍيا، انهيءَ لاءِ تہ ڇليل پٿرن سان عمارت جو بنياد وجهڻ ۾ اچي.


خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ.


آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پوندس، ۽ وڃي کين پهچندس: ۽ جيستائين اُنهن کي نابود نہ ڪندس تيستائين ڪين موٽندس.


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو انهن پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي يشوع وٽ وٺي آيا، تڏهن يشوع اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو، ۽ جيڪي جنگي مرد ساڻس آيا هئا، تن جي سردارن کي چيائين، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو: ۽ هو ويجها آيا، ۽ پنهنجا پير هنن جي ڳچين تي رکيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ