Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:33 - Sindhi Bible

33 خدا منهنجو مضبوط قلعو آهي: ۽ هو ڪامل ماڻهوءَ کي پنهنجي رستي تي سونهون ٿي هلائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 خدا ئي منهنجو مضبوط قلعو آهي، منهنجيءَ راهہ کي هو ئي سنئون سڌو ٿو بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:33
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو ڪوٽ، ۽ منهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛


تنهنجي سچار هئڻ مان قادر مطلق کي ڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي ڇا؟ يا جي تون پنهنجا رستا ڪامل ڪندين تہ هن کي ڪو فائدو پهچندو ڇا؟


آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس.


ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو.


مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


اهو خدا آهي جو طاقت سان منهنجي ڪمر ٿو ٻڌي، ۽ منهنجي واٽ ڪامل ٿو ڪري.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجيءَ حياتيءَ جو زور آهي؛ آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي.


خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.


خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي خداوند ۾ زور بخشيندس؛ ۽ هو سندس نالو وٺي گهُمندا ڦرندا.


پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ڪامل ٿي رهج.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ