Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:32 - Sindhi Bible

32 ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ڪير ٽڪر آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو بہ خدا آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جي خدا فرمايو، اسرائيل جي ٽڪر مون سان ڳالهايو: جيڪو ماڻهن تي سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، جو خدا جي ڊپ سان بادشاهي ڪري ٿو،


تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي.


خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي.


اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي!


اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا.


هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.


اهو تو کي ڏيکاريو ويو، انهي لاءِ تہ تو کي خبر پوي، تہ خدا ئي خدا آهي؛ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


خداوند جهڙو ٻيو ڪوبہ پاڪ ڪونهي، ڇالاءِ جو تو کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪونہ: ۽ اسان جي خدا جهڙي ٻي ڪا پناهہ ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ