Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:3 - Sindhi Bible

3 خداوند منهنجو ٽڪر آهي، جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي؛ منهنجي سپر آهي، ۽ منهنجي ڇوٽڪاري جو سڱ، منهنجو مٿانهون ٺلهہ، ۽ منهنجي پناهہ آهي؛ اي منهنجا ڇوٽڪارو ڏيندڙ، تون مون کي ظلم کان بچائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. اهو ئي ظالمن جي هٿان منهنجو بچائيندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:3
52 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


باقي خدا جو رستو ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن سڀني جي لاءِ هو هڪڙي سپر آهي.


خداوند جيئرو آهي؛ ۽ منهنجو ٽڪر شل برڪت وارو هجي؛ ۽ خدا، منهنجي ڇوٽڪاري جو ٽڪر شل سرفراز ٿئي:


۽ جو مون کي پنهنجن دشمنن مان ڪڍي وٺي ٿو: هائو، جيڪي منهنجي مٿان ڪاهي اچن ٿا تن جي مٿان تون مون کي چاڙهين ٿو: تون مون کي ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇڏائين ٿو.


هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي: ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي هميشہ محبت جهڙي مهرباني ڏيکاري ٿو، يعني دائود کي ۽ سندس اولاد کي.


اسرائيل جي خدا فرمايو، اسرائيل جي ٽڪر مون سان ڳالهايو: جيڪو ماڻهن تي سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، جو خدا جي ڊپ سان بادشاهي ڪري ٿو،


اوهين غريب جي صلاح کي لڄايو ٿا، ڇو جو خداوند هنجي پناهہ آهي.


اي خداوند مون کي خراب ماڻهوءَ کان ڇڏاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان بچائيم.


ڪوبہ بد زبان ماڻهو زمين تي قائم ڪين رهندو: ظالم کي بڇڙائي ڦاسائي ڪيرائيندي.


اي خداوند مون کي بڇڙي جي هٿ کان بچاءِ؛ ۽ ظالم ماڻهوءَ کان محفوظ رک جن جو ارادو آهي تہ ڌڪا ڏيئي منهنجا پير کسڪائين.


منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن نهار ۽ ڏس؛ ڇو جو اهڙو ڪوئي ڪونهي جو مون کي سڃاڻي: مون لاءِ ڪا پناهہ ڪانهي؛ ڪنهن کي منهنجي جان جو فڪر ڪونهي.


هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.


خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجي ڍال آهي؛ انهيءَ تي منهنجيءَ دل جو ڀروسو آهي، ۽ مون کي مدد ملي آهي: تنهن ڪري منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي؛ ۽ آءٌ گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس.


پر اي خداوند، تون منهنجي چوڌاري ڍال آهين؛ تون ئي منهنجو جلال ۽ منهنجو سرفراز ڪندڙ آهين.


تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين.


خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


تنهن ڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي. جيتوڻيڪ زمين اُٿلي پوي، ۽ جبل سمنڊ جي تهہ ۾ وڃي پون.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


ڇو جو تون راستباز کي برڪت ڏيندين؛ اي خداوند، تون هن کي ڍال وانگي مهربانيءَ سان ڍڪي ڇڏيندين.


اي خداوند انهن کي برباد ڪر، ۽ انهن جي ٻوليءَ ۾ رولو وجهہ: ڇو جو مون شهر ۾ ظلم ۽ جهيڙو ڏٺو آهي.


پر آءٌ تنهنجي طاقت جو گيت ڳائيندس؛ هائو صبح جو تنهنجي رحم جو گيت وڏي آواز سان ڳائيندس؛ ڇو تہ منهنجي مصيبت جي ڏينهن تون منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ پناهہ هئين.


ڇالاءِ جو تون منهنجي پناهہ آهين، ۽ دشمن کان بچڻ جي لاءِ مضبوط ٺلهہ آهين.


آءٌ گهڻن جي نظر ۾ حيرانيءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ پر تون منهنجي مضبوط پناهہ آهين.


هو انهن جي جان ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائيندو؛ انهن جو رت سندس نظر ۾ قيمتي ٿيندو:


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


اي خدا، اي اسان جي ڍال، تون نظر ڪر، ۽ پنهنجي مسح ڪيل جي منهن ڏانهن نهار.


اي خدا مغرور منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن، ۽ ظالمن جي جماعت منهنجي جان جي پٺيان پيئي آهي، ۽ توکي پنهنجي سامهون نہ رکيو اٿن.


جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي.


خداوند مظلومن جي لاءِ اوچو ٺلهہ، ۽ مصيبت جي وقت انهن جو قلعو ٿيندو؛


خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.


خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.


خدا جو هر هڪ لفظ آزمايل آهي، جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي لاءِ هو ڍال آهي.


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجن اکين آڏو ۽ تنهنجن ڏينهن ۾ هن هنڌ تان خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس.


۽ منهنجو روح منهنجي نجات ڏيڻ واري خدا ۾ سرهو ٿيو آهي؛


۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي گهراڻي ۾، اسان لاءِ نجات جو سڱ کڙو ڪيو اٿس،


يعني اسان جا دشمن ۽ سڀ جيڪي اسان سان عداوت ٿا رکن، تن سڀني کان اسان کي نجات بخشي اٿس؛


۽ چوندو تہ هنن جا معبود ڪٿي آهن، اهو ٽڪر جنهن تي هنن جو ڀروسو هو؛


اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


پر جڏهن اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي مهرباني، ۽ اسان جي لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي،


جو هن اسان جي نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي معرفت اسان تي افراط سان نازل ڪيو؛


۽ وري هي تہ ”آئون هن تي اعتقاد رکندس.“ ۽ وري هي تہ ڏس ”انهن ٻارن سميت جي خدا مون کي ڏنا آهن.“


۽ حنہ دعا گهري، ۽ چيائين: تہ منهنجي دل خداوند ۾ نهايت خوش آهي، منهنجو سڱ خداوند ۾ مٿي ڪيل آهي: منهنجو وات منهنجن دشمنن تي ڪشادو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ڇوٽڪاري ۾ خوش آهيان.


خداوند جهڙو ٻيو ڪوبہ پاڪ ڪونهي، ڇالاءِ جو تو کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪونہ: ۽ اسان جي خدا جهڙي ٻي ڪا پناهہ ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ