Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:28 - Sindhi Bible

28 غمزدن ماڻهن کي تون بچائيندين: پر تنهنجون اکيون مغرورن تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن کي لاهي هيٺ ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 نماڻن ماڻهن کي تون ئي بچائين ٿو، ۽ مغروريءَ سان هلڻ وارن کي هيٺ ڪيرائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:28
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


اي خداوند منهنجي دل ۾ مغروري ڪانهي، نڪي منهنجون اکيون آسمان ۾ آهن؛ نڪي جيڪي ڳالهيون وڏيون ۽ منهنجيءَ سمجهہ کان ٻاهر آهن، تن ۾ آءٌ پاڻ کي پتوڙيان ٿو.


ڇو تہ جيتوڻيڪ خداوند بلند آهي، تڏهن بہ نماڻن تي نظر ٿو ڪري: پر مغرورن کي پري کان ئي سڃاڻيو وٺي.


مون کي خبر آهي تہ خداوند ڏکين جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن کي حق ڏياريندو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


مٿانهين نظر ۽ مغرور دل، جا شريرن جي ڏيئي وانگر آهي سا گناهہ آهي.


۽ انسان جي مغروري جهڪائي ويندي، ۽ ماڻهن جو هٺ هيٺ ڪيو ويندو: ۽ رڳو خداوند ئي انهي ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


۽ گهٽ درجي وارو ماڻهو جهڪي ويو آهي، ۽ وڏي درجي وارو ماڻهو حقير ڪيو ويو آهي، ۽ مٿانهين جاءِ وارن جون اکيون هيٺ ڪيون ويون آهن:


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي.


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ