Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:25 - Sindhi Bible

25 تنهنڪري خداوند منهنجي سچائيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو آهي؛ ۽ سندس اڳيان ڪيل پاڪيزگيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 سو منهنجي سچائيءَ موجب خداوند مون کي اجر ڏنو، هائو، منهنجي ان بي‌قصوريءَ موجب، جيڪا هن جي نظر آڏو هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند مون کي منهنجي سچائيءَ موجب انعام ڏنو: هن منهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ موجب مون کي بدلو ڏنو.


تڏهن سليمان چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود کي گهڻي مهرباني ڏيکاري آهي، جو هو تنهنجي اڳيان سچائي، ۽ راستبازي، ۽ دل جي صداقت سان تو سان هلندو هو؛ ۽ تو هن واسطي اها وڏي مهرباني قائم رکي آهي جو سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو اٿيئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


ڏس، سچي کي زمين تي بدلو ڏنو ويندو: تڏهن شرير ۽ گنهگار کي ڪيترو نہ زيادہ ڏنو ويندو:


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.


اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ