Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:20 - Sindhi Bible

20 هن مون کي هڪڙي ڪشادي هنڌ ۾ آندو: هن مون کي ڇڏايو ڇالاءِ جو هو مون مان راضي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هائو، جيئن تہ هو مون مان راضي هو سو مون کي ڇڏايائين، ائين هن مون کي خطري مان ڪڍي ٻاهر آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اتان وڌي اڳتي ويو ۽ هڪڙو ٻيو کوهہ کوٽيائين؛ ۽ انهيءَ تان هنن تڪرار ڪونہ ڪيو. تنهنڪري انهي جو نالو رحوبوت (ڪشادو) رکيائين ۽ چيائين تہ هاڻي خداوند اسان کي جاءِ ڏني آهي، ۽ اسين هن ملڪ ۾ وڌنداسين.


پر جي هو چوندو تہ آءٌ تو مان خوش نہ آهيان؛ تہ ڏس، اِجهو آءٌ هتي حاضر آهيان، جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.


تو منهنجا قدم مون هيٺان ڪشادا ڪيا آهن، ۽ منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.


۽ يعبيض اسرائيل جي خدا کي سڏي چيو تہ شل تون مون کي سچ پچ برڪت وارو ڪرين، ۽ منهنجي حد وڌائين، ۽ شل تنهنجو هٿ مون سان هجي، ۽ تون مون کي سچ پچ بڇڙائيءَ کان بچائين، تہ مون کي ڏک ڪونہ رسي! ۽ خدا اها سندس دعا قبول ڪئي.


مون پنهنجي مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو: خداوند منهنجي اونائي ۽ مون کي ڪشاديءَ جاءِ ۾ ويهاريائين.


خداوند انهن کان راضي ٿو ٿئي جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، ۽ سندس رحم تي اُميد ٿا رکن.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کان راضي آهي: هو نماڻن کي نجات سان سينگاريندو.


تہ هن خداوند تي ڀاڙيو آهي؛ ڀلي تہ اُهو ڇڏائيس: اُهو جو منجهانئس خوش آهي ۽ سو ڀلي تہ ڇڏائيس.


تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.


اي خداوند مون تي رحم ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ڏکن ۾ آهيان: منهنجي اک، بلڪ منهنجي جان ۽ جسم سڀ رنج جي ڪري ڳري ويا آهن.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


هو خدا تي ڀروسو ٿو رکي، سو جيڪڏهن هو کانئس خوش آهي تہ هاڻي ڇڏائيس، ڇالاءِ جو هن چيو ٿي، تہ آئون خدا جو فرزند آهيان.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ