19 هو منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون تي آيا؛ پر خداوند منهنجي ٽيڪ هو.
19 هنن حملو ڪري مون کي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو هو، پر خداوند منهنجو سهارو بڻيو.
هن منهنجي زور واري دشمن کان مون کي ڇڏايو، ۽ جن مون کي ڌڪاريو ٿي: ڇالاءِ جو هو مون کان گهڻو زور وارا هئا.
هائو، جيتوڻيڪ آءٌ موت جي پاڇي جي واديءَ مان لنگهندس، تہ بہ آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ کان ڪين ڊڄندس؛ ڇو جو تون مون سان آهين: تنهنجو لڪڻ ۽ تنهنجي لٺ مون کي دلجاءِ ٿي ڏئي.
تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.
تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.
اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.