Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:18 - Sindhi Bible

18 هن منهنجي زور واري دشمن کان مون کي ڇڏايو، ۽ جن مون کي ڌڪاريو ٿي: ڇالاءِ جو هو مون کان گهڻو زور وارا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هائو، منهنجا زورآور دشمن جن مون کان نفرت ٿي ڪئي، تن جي هٿان هن مون کي ڇڏائي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ڏينهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن جي هٿان ۽ سائول جي هٿان ڇڏايو، انهي ڏينهن هن هيءُ گيت خداوند جي اڳيان ڳايو:


هن مٿان موڪلي مون کي کڻي ورتو؛ هن مون کي وڏن پاڻين مان ڪڍي ورتو؛


هو منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون تي آيا؛ پر خداوند منهنجي ٽيڪ هو.


اي خداوند، اُٿ، اي منهنجا خدا مون کي بچاءِ؛ ڇالاءِ جو تو منهنجن سڀني دشمنن جي ڳلن تي لپاٽون هنيون آهن؛ ۽ بڇڙن جا ڏند ڀڃي ڇڏيا اٿيئي.


منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟


جنهن ڏينهن آءٌ پڪاريندس تنهن ڏينهن منهنجا دشمن پٺ تي هٽندا: اها مون کي خبر آهي تہ خدا منهنجي پاسي آهي.


۽ هن اسان کي هيڏي وڏي خطري کان ڇڏايو ۽ ڇڏائيندو؛ تنهن تي اسان اها اُميد رکي آهي، تہ هو اڃا بہ اسان کي ڇڏائيندو رهندو.


پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ