10 هن آسمان کي بہ جهڪايو ۽ هيٺ لهي آيو، ۽ سندس پيرن هيٺ گهاٽي اونداهي هئي.
10 پوءِ خداوند آسمان کي چيري اچي نازل ٿيو، هن جي پيرن هيٺان طوفاني ڪڪر هئا.
تڏهن سليمان چيو تہ خداوند فرمايو آهي تہ آءٌ گهاٽي اونداهيءَ ۾ رهندس.
تون پنهنجي بالاخاني جا شهتير پاڻيءَ تي ٿو رکين؛ ۽ ڪڪرن کي پنهنجو رٿ ٿو ڪرين؛ ۽ واءُ جي پرن تي ٿو رهين.
اي خداوند آسمانن کي جُهڪاءِ ۽ هيٺ لهي اچ: جبلن کي ڇُهہ ۽ انهن مان دونهون نڪرندو.
هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي.
۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.
تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.
اسين انهن جهڙا ٿيا آهيون جن تي تو ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائي؛ ۽ جي تنهنجي نالي جا نٿا سڏجن.
خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي ۽ طاقت ۾ وڏو آهي، ۽ ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي نہ ڏيندو. خداوند جي راهہ واچوڙي ۾ ۽ طوفان ۾ آهي، ۽ بادل هن جي پيرن جي مٽي آهن.
هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.
سو اوهين ويجها اچي انهي جبل جي هيٺان بيٺا؛ ۽ جبل باهہ سان ٻرڻ لڳو ۽ انهيءَ جا ڀڙڪا آسمان تائين پهچڻ لڳا، ۽ انهي جي آس پاس اوندهہ، بادل، ۽ انڌوڪار هئي.