Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:6 - Sindhi Bible

6 تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.


پر سردار بورچيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائين، جيئن ڪ يوسف هنن کي تعبير ڪري ٻڌايو هو.


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ هڪڙي ماڻهوءَ ڏسي ورتس، ۽ انهيءَ وڃي يوآب کي ٻڌايو ۽ چيائينس تہ ڏس مون ابي سلوم کي هڪڙي شاهہ بلوط ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.


ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


سماعہ جبعاتيءَ جا پٽ؛ سردار اخيعزر، ۽ يوآس؛ عزماوت جا پٽ، يزئيل ۽ فلط؛ ۽ براڪ ۽ ياهو، عنتوتي؛


مون هي حڪم بہ ڪيو آهي تہ جيڪو هي حڪم ڦيرائيندو، تنهن جي گهر مان هڪڙي ڪام ڇڪي ڪڍي وڃي، ۽ انهيءَ تي هو مٿي کڻي ٻڌي قابو ڪيو وڃي؛ ۽ هن جو گهر انهيءَ ڳالهہ لاءِ ٻهر جو ڍير ڪيو وڃي.


جي هامان بن همداتا، يهودين جي دشمن جا ڏهہ پٽ هئا، تن کي هنن قتل ڪيو؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين.


تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ گهُريو؛ ۽ خدا چاليهن ورهين جي عرصي تائين بنيمين جي قبيلي مان قيش جي پٽ شائول کي سندن بادشاهہ ڪيو.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ موت جي لائق گناهہ ڪيو هجي، ۽ کيس موت جي سزا ملي، ۽ تون انهي کي وڻ تي لٽڪائي ڇڏين؛


تنهن کان پوءِ يشوع انهن کي ماريو، ۽ قتل ڪيو، ۽ پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏيائين: ۽ اُهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.


۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي.


تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟


۽ سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ اوهين انهي ماڻهوءَ کي ٿا ڏسو جنهن کي خداوند پسند ڪيو آهي، ۽ انهي جهڙو سڄي قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.


۽ سائول بہ جبعہ ۾ پنهنجي گهر ويو؛ ۽ اُنهي سان گڏ اُنهن ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جن جي دلين کي خدا ڇهيو هو.


تڏهن قاصد سائول جي جبعہ ۾ آيا، ۽ ماڻهن جي ڪنن تي هي ڳالهيون وڌائون: ۽ سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.


تنهنڪري هاڻي مون سان خداوند جو قسم کڻ تہ مون کان پوءِ تون منهنجو نسل وڍي نہ ڇڏيندين، ۽ منهنجي پيءُ جي گهر مان منهنجو نالو اصل مٽائي نہ ڇڏيندين.


تڏهن دائود سائول سان قسم کنيو. ۽ سائول گهر هليو ويو؛ پر دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهي قلعي ۾ وڃي رهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ