Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:21 - Sindhi Bible

21 ۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي وڙهڻ لاءِ هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن هن بني اسرائيل جي ماڻهن کي للڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.


۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي هرهڪ هٿ ۾ ڇهہ آڱريون، ۽ هرهڪ پير ۾ ڇهہ آڱريون، ڪل چوويهہ آڱريون هيون؛ ۽ اهو بہ راڪاس جو اولاد هو.


اهي چار ئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا، ۽ اهي دائود جي هٿان، ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا.


حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، ۽ سفروائم جي شهر، ۽ هينع، ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟


۽ يسيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو الياب، ۽ ٻيو ابينداب، ۽ ٽيون سمع؛


۽ دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ محرر هو: ۽ يحي ايل بن حڪموني شهزادن سان رهندو هو:


تڏهن يسيءَ سمہ کي اڳيان اچڻ لاءِ چيو. ۽ هن چيو تہ هن کي بہ خداوند پسند نہ ڪيو آهي.


۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.


۽ فلستي هڪڙي پاسي جبل تي بيٺا هئا، ۽ اسرائيل ٻئي پاسي جبل تي بيٺا هئا: ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي ماٿري هئي.


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ