Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن بادشاهہ جبعونين کي سڏي چيو؛ (هاڻي اهي جبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا پر باقي بچيل امورين مان هئا؛ ۽ بني اسرائيل هنن سان قسم کنيو هو: ۽ سائول بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ جي جوش ۾ هنن کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو:)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن دائود بادشاهہ جِبعونين کي گھرائي ساڻن ڳالهايو. اهي جِبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا بلڪ اهي باقي بچيل امورين مان هئا ۽ بني اسرائيل هنن جي حفاظت ڪرڻ جو ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو. پر سائول بني يهوداہ ۽ باقي بني اسرائيل وارن جي جوش ۾ هنن سڀني کي قتل ڪرڻ ٿي گھريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.


۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.


۽ هن چيو تہ مون سان اچ ۽ خداوند جي لاءِ منهنجيءَ دل جو شوق ڏس. انهيءَ طرح کيس هن جي رٿ تي چاڙهيائون.


پر ياهو خداوند اسرائيل جي خدا جي شريعت تي هلڻ لاءِ سنڀال نہ ڪئي: ۽ يربعام جا گناهہ، جن سان هن اسرائيل کي گناهہ ڪرايا، تن کان هن پاسو نہ ڪيو.


هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو آئون هنن لاءِ اها شاهدي ٿو ڀريان، تہ انهن کي خدا جي لاءِ جوش تہ آهي، پر سمجهہ موجب نہ.


هو اوهان کي دوست ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر نيڪ نيتيءَ سان نہ؛ بلڪ هو اوهان کي ڌار ڪرڻ ٿا گهُرن تہ رڳو کين پيار ڪريو.


۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.


تڏهن سائول چيو تہ خدا شل ائين ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ: ڇالاءِ جو اي يونتن، تون ضرور مرندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ