Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:15 - Sindhi Bible

15 ۽ فلستين وري بہ اسرائيل سان جنگ شروع ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجن نوڪرن سميت لهي وڃي فلستين سان وڙهيو: ۽ دائود عاجز ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 فلستين بني اسرائيل سان وري جنگ شروع ڪري ڏني. سو دائود پنهنجي ماڻهن سميت لهي وڃي فلستين سان وڙهيو. وڙهندي وڙهندي دائود ٿڪجي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اشبي بنوب، جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ جنهن جي نيزي جي تور پتل جا ٽي سؤ شيڪل هئي، ۽ هڪڙي نئين ترار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو.


۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ چڙهي ويا، ۽ دائود اهو ٻڌي قلعي ۾ لهي ويو.


۽ فلستي وري بہ چڙهي آيا، ۽ رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙجي ويا.


۽ دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنس؛ ۽ جبع کان وٺي جزر ۾ پهچڻ تائين فلستين کي ماريندو رهيو.


تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ دائود مکيہ شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان ڪڍي ورتي.


۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جزر وٽ فلستين سان جنگ لڳي: تڏهن سبڪي حوساتيءَ سفيءَ کي قتل ڪيو جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ انهن شڪست کاڌي.


جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.


ٻڍاپي ۾ مون کي ڇڏي نہ ڏي؛ ۽ هيڻائي جي وقت ۾ مون کي پاسي نہ ڪر.


منهنجو جسم ۽ منهنجي دل لهي ويئي آهي: پر خدا هميشہ جي لاءِ منهنجي دل جو زيور ۽ منهنجي ميراث آهي.


جنهن ڏينهن گهر جا مالڪ ڏڪندا، ۽ زور ڀريا ماڻهو ڪنڌ جهڪائيندا، ۽ پيهڻ وارا ٿورن هئڻ ڪري بس ڪندا، ۽ درين مان ٻاهر نهارڻ وارا اونداهيءَ ۾ اچي ويندا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ