Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:14 - Sindhi Bible

14 ۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ بنيامين جي علائقي جي ضيلع شهر ۾ سائول جي پيءُ قيس جي قبرستان ۾، سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا دفن ڪيا ويا. سو بادشاهہ جيڪو بہ حڪم ڪيو سو سڀ بجا آندو ويو. تنهن کان پوءِ خدا بني اسرائيل وارن جي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ دعا ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتان هن سائول جا ۽ سندس سڀ يونتن جا هڏا آندا؛ ۽ جيڪي ڦاسيءَ ڏنا ويا هئا تن جا هڏا انهن گڏ ڪيا.


۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.


۽ هنن ابنير کي حبرون ۾ دفن ڪيو: ۽ بادشاهہ ابنير جي قبر تي وڏي آواز سان رُنو، ۽ سڀني ماڻهن رُنو.


۽ دائود پنهنجي جوان ماڻهن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن کي قتل ڪيو، ۽ هنن جا هٿ پير وڍيائون، ۽ هنن کي حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ ابنير جي قبر ۾ پوري ڇڏي.


تڏهن هنن يوناہ کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو: ۽ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.


تڏهن هن مون کي پڪاري چيو تہ ڏس، اهي جيڪي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا تن منهنجي روح کي اُتر واري ملڪ ۾ آرام ڏنو آهي.


۽ اهو هن جي لاءِ، ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ جي ڪهانت جو عهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ غيرت وارو ٿيو، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪيائين.


۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.


۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


جڏهن تون اڄ مون وٽان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيمين جي سرحد ۾، ضلضح ۾ راحل جي قبر وٽ، توکي ٻہ ماڻهو ملندا؛ ۽ اُهي توکي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن: ۽ ڏس تنهنجي پيءُ گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي ڏني آهي، ۽ اوهان جي ڳڻتي ۾ آهي، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ