۽ يهوداہ جا ماڻهو آيا، ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري يهوداہ جي گهراڻي تي بادشاهہ ڪيو. ۽ هنن دائود کي چيو تہ يبيس جلعاد جا ماڻهو اهي آهن جن سائول کي دفن ڪيو هو.
۽ اياہ جي ڌيءَ رصفہ کٿو کڻي پنهنجي لاءِ ٽڪر تي پکيڙيو، ۽ اهو فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي ايستائين اتي پيل هو جيستائين انهن تي آسمان مان پاڻي نہ پيو، ۽ هن ڏينهن جو هوا جي پکين کي، ۽ رات جو جهنگ جي جانورن کي انهن تي ويهڻ نہ ڏنو.
۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو: