Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:10 - Sindhi Bible

10 ۽ اياہ جي ڌيءَ رصفہ کٿو کڻي پنهنجي لاءِ ٽڪر تي پکيڙيو، ۽ اهو فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي ايستائين اتي پيل هو جيستائين انهن تي آسمان مان پاڻي نہ پيو، ۽ هن ڏينهن جو هوا جي پکين کي، ۽ رات جو جهنگ جي جانورن کي انهن تي ويهڻ نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن اياہ جي ڌيءَ رصفہ جبل تي انهن لاشن وٽ پنهنجي لاءِ کٿو وڇايو ۽ فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي برسات جي موسم تائين، ڏينهن رات انهن لاشن جي پکين ۽ جھنگلي جانورن کان حفاظت ڪندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.


۽ دائود کي وڃي ٻڌايائون تہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ، سائول جي سريت هيئن ڪيو آهي.


هاڻي سائول جي هڪڙي سريت هئي، جنهن جو نالو رصفاہ هو، جا اياہ جي ڌيءَ هئي: ۽ اشبوست ابنير کي چيو تہ تون ڇو منهنجي پيءُ جي سريت سان هم صحبت ٿيو آهين؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


تون اسرائيل جي جبلن تي ڪِرندين، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ جيڪي قومون توسان آهن: آءٌ توکي هر قسم جي ڳجهن، ۽ جهنگ جي جانورن جي حوالي ڪندس تہ توکي ڳڙڪائي ڇڏين.


۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.


جانور ڪيئن نہ پيا سهڪن! ڍورن جا گلا حيران پريشان آهن؛ ڇالاءِ جو هنن کي چارو ڪونهي؛ هائو، رڍن جا ڌڻ سُڃا ڪيا ويا آهن.


تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو.


پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.


تہ آءٌ اوهان جي ملڪ ۾ مند تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندس. انهي لاءِ تہ تون پنهنجو اَن، ۽ پنهنجو شراب، ۽ پنهنجو تيل گڏ ڪري سگهين.


۽ هوءَ پنهنجا قيد وارا ڪپڙا لاهي ڇڏي، ۽ تنهنجي گهر ۾ رهي ۽ هڪڙي پوري مهيني تائين، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي لاءِ ماتم ڪري: تنهن کان پوءِ تون انهيءَ وٽ وڃج، ۽ انهيءَ جو مڙس ٿج، ۽ هوءَ تنهنجي زال ٿئي.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ موت جي لائق گناهہ ڪيو هجي، ۽ کيس موت جي سزا ملي، ۽ تون انهي کي وڻ تي لٽڪائي ڇڏين؛


تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.


۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ تنهنجو گوشت پکين کي، ۽ جهنگ جي مِرن کي ڏيان.


اڄوڪي ڏينهن خداوند توکي منهنجي حوالي ڪندو؛ ۽ آءٌ توکي ماري، تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس؛ ۽ اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاشا هوا جي پکين کي، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن کي ڏيندس؛ انهي لاءِ تہ جهان کي خبر پوي تہ اسرائيل ۾ هڪڙو خدا آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ