Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 21:1 - Sindhi Bible

1 ۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 21:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ڏڪار تمام سخت هو، تنهنڪري ابرام مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو.


هاڻي ابرهام جي ڏينهن ۾ جو پهريون ڏڪار انهيءَ ملڪ ۾ پيو هو، تنهن کان پوءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي پيو. ۽ اسحاق، فلستين جي بادشاهہ ابي ملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


پوءِ سڀني ملڪن جا ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا؛ ڇالاءِ جو ساريءَ زمين تي سخت ڏڪار هو.


پوءِ ٻيا جيڪي ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا، تن سان گڏ اسرائيل جا پٽ بہ آيا: ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.


هاڻي ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.


خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.


۽ عيرا يائري بہ دائود جو ڪاهن هو.


۽ هنن بادشاهہ کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ اسان کي چٽ ڪيو ۽ اسان جي برخلاف اها رٿ ڪيائين تہ اسين اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ رهڻ کان نيست نابود ٿي وڃون،


۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.


۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.


۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


۽ ايلياہ پاڻ ڏيکارڻ لاءِ اخي آب وٽ آيو. انهيءَ وقت سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار هو.


۽ سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو: ۽ ڏس، هنن شهر کي ايستائين گهيرو ڪيو جيستائين ڪ هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي شيڪلن تي وڪامڻ لڳي، ۽ ڪبوترن جون وٺيون، هڪڙي ماڻ جي چوٿينءَ پتيءَ جيتريون، چانديءَ جي پنجن شيڪلن تي وڪاڻيون.


هاڻي اليشع جنهن زال جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ اُٿ، تون پنهنجي گهراڻي سميت وڃ ۽ جتي رهي سگهين اُتي وڃي رهہ: ڇالاءِ جو خداوند ڏڪار کي سڏيو آهي؛ ۽ اُهو هن زمين تي ست ورهيہ رهندو.


آءٌ خدا کي چوندس تہ مون کي ڏوهاري نہ ٺهراءِ؛ مون کي ڏيکار تہ ڇالاءِ تون مون سان وڙهين ٿو؟


جڏهن تو فرمايو تہ منهنجي ديدار جا طالب ٿيو؛ تڏهن منهنجيءَ دل توکي چيو تہ اي خداوند، آءٌ تنهنجي ديدار جو طالب رهندس.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


۽ جڏهن آءٌ اوهان جي روزيءَ کي ڀڃندس، تڏهن ڏهہ زالون هڪڙي تنور ۾ اوهان جون مانيون پچائينديون، ۽ اوهان جون مانيون اوهان کي توري ڏينديون: ۽ اوهين کائيندا پر ڍائبا ئي ڪين.


هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.


بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


هيترو سو اسين ساڻن ڪنداسين، اسين هنن کي جيئدان ڏينداسين، تہ متان هنن سان قسم کڻڻ جي ڪري اسان تي غضب نازل ٿئي.


جن ڏينهن ۾ قاضي انصاف ڪندا هئا تن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ انهي ملڪ ۾ ڏڪار پيو، ۽ بيت الحم يهوداہ جو هڪڙو ماڻهو، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن سميت موآب جي ملڪ ۾ وڃي رهڻ لڳو.


تنهنڪري هن خداوند کان وري بہ پڇيو تہ ڪو ماڻهو اڃا بہ هتي اچڻو آهي ڇا؟ ۽ خداوند ورندي ڏني تہ ڏسو، هن پاڻ کي سامان جي وچ ۾ وڃي لڪايو آهي.


قعيلہ جا ماڻهو مون کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ جيئن اُنهن جي ٻانهي ٻڌو آهي تيئن سائول هيڏي ايندو ڇا؟ اي خداوند اسرائيل جا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي اها خبر ڏي: ۽ خداوند فرمايو تہ هو ايندو.


تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ