۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.
۽ آسف جا پٽ ڳائڻ وارا، دائود، ۽ آسف، ۽ هيمان، ۽ بادشاهہ جي غيب دان يدوتون جي حڪم موجب، پنهنجي جاءِ تي هئا؛ ۽ دربان سڀ ڪنهن در تي حاضر هئا: هنن کي پنهنجي خدمت ڇڏي نڪرڻ جو ضرور ڪونہ هو، ڇالاءِ جو هن جي ڀائرن لاوين، سندن لاءِ تياري پئي ڪئي.
منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.)