Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن اُها زال سياڻپ ڪري سڀني ماڻهن وٽ ويئي. ۽ هنن سبع بن بڪريءَ جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اُڇلائي ڏني. پوءِ هن قرناءِ وڄائي، ۽ هو شهر مان نڪري پکڙي پيا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي هليو ويو. ۽ يوآب موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اها عورت پنهنجي سياڻپ واري صلاح سڀني ماڻهن وٽ کڻي ويئي ۽ هنن سبع جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اڇلائي ڏني. تڏهن يوآب نفيل وڄرائي ۽ سندس سڀيئي ماڻهو شهر وٽان ٽڙي پکڙي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽڻ لڳا. پوءِ يوآب بہ موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوآب قرناءِ وڄائي ۽ ماڻهو جي اسرائيل جي پٺيان ويا هئا، سي موٽي آيا: ڇالاءِ جو يوآب ماڻهن کي روڪي ڇڏيو.


۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.


تڏهن يوآب قرناءِ وڄائي ۽ سڀ ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا، ۽ وڌيڪ اسرائيل جي پٺيان نہ پيا، ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا.


۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


تڏهن شهر مان هڪڙيءَ زال رڙ ڪري چيو تہ ڪن ڏيو، ٻڌو؛ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهين يوآب کي چئو تہ هيڏي ويجهو اچ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.


ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن.


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ