Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:21 - Sindhi Bible

21 حقيقت ائين ناهي: پر افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع بن بڪري آهي، تنهن بادشاهہ تي، يعني دائود تي، پنهنجو هٿ کنيو آهي: رڳو انهي جي ٻانهن ڪڍي ڏي تہ آءٌ شهر مان هليو ويندس. ۽ زال يوآب کي چيو تہ ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اُڇلائي توکي ڏني ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 حقيقت ائين ناهي، بلڪ افرائيم جي جابلو علائقي جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع ولد بڪري آهي، تنهن دائود بادشاهہ جي خلاف بغاوت ڪئي آهي. سو اوهين رڳو اهو منهنجي حوالي ڪريو تہ آءٌ شهر کان هليو ويندس.“ تڏهن انهيءَ عورت يوآب کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اڇلائي تو کي ڏني ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:21
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


تڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو دائود جي پٺ ڇڏي بڪري جي پٽ سبع جي پٺيان لڳا: پر يهوداہ جا ماڻهو يردن کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان لڳا آيا.


۽ يوآب ورندي ڏيئي چيو تہ شل مون کان ائين نہ ٿئي تہ ڪي ڳڙڪايان يا برباد ڪريان.


۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو.


۽ يربعام بن نباط، صريدہ جو هڪڙو افرائيمي، جو سليمان جو نوڪر هو، ۽ جنهن جي ماءُ جو نالو صروعہ هو، جا رن زال هئي، تنهن بہ بادشاهہ جي برخلاف پنهنجو هٿ کنيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اهو خط هنن ماڻهن کي مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي پٽن کي جهلي، ستر ئي ڄڻن کي قتل ڪيو، ۽ اُنهن جون سسيون ٽوڪريءَ ۾ وجهي يزرعيل ۾ ڏياري موڪليائون.


۽ هن چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي ڌڻيءَ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ڏس، بلڪل هينئر، افرائيم جي ڪوهستان مان مون وٽ نبين جي پٽن مان ٻہ جوان ماڻهو آيا آهن؛ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اُنهن کي هڪڙو چانديءَ جو قنطار ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.


ڇالاءِ جو هڪڙو آواز دان مان پڌرائي ڪري ٿو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تان خرابيءَ جو اشتهار ڏئي ٿو.


۽ آءٌ اسرائيل کي وري سندس چراگاهہ ۾ وٺي ايندس، ۽ هو ڪرمل، ۽ بسن ۾ چرندو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تي ۽ جلعاد ۾ انهي جو روح راضي ٿيندو.


۽ هارون جي پٽ اليعزر بہ وفات ڪئي؛ ۽ انهيءَ کي بہ سندس پٽ فينحاس جي ٽڪر ۾ دفن ڪيائون، جو ٽڪر هن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾ مليو هو.


۽ هنن کيس جعس جبل جي اُتر ڏانهن، افرائيم جي ڪوهستان ۾ تمنت حرس منجهہ، سندس ورثي جي حد اندر دفن ڪيو.


۽ جدعون افرائيم جي سڄي ڪوهستان ۾ قاصد موڪلي چوايو، تہ مديانين سان وڙهڻ لاءِ هلي اچو، ۽ هنن جو اڳ جهلي بيت برہ تائين، پاڻيءَ جون جايون هٿ ڪريو. انهي موجب سڀ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ بيت برہ ۽ يردن تائين پاڻيءَ تي قبضو ڪيائون.


۽ جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ابيملڪ مري ويو آهي، تڏهن اُهي سڀ اُٿي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويا.


۽ هن پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ڌڻي، خداوند جي مسح ڪيل سان ائين ڪريان، ۽ جيڪو خداوند جو مسح ڪيل آهي تنهن جي برخلاف آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريان.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ