Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو دائود جي پٺ ڇڏي بڪري جي پٽ سبع جي پٺيان لڳا: پر يهوداہ جا ماڻهو يردن کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان لڳا آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن اهي سڀيئي ماڻهو دائود کي ڇڏي سبع جي پٺيان لڳي پيا. پر بني يهوداہ جا ماڻهو اردن درياءَ کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان گڏ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ موٽيو ۽ يردن وٽ آيو. ۽ يهوداہ جلجال تائين آيا، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ جو استقبال ڪري هن کي يردن جي پار وٺي وڃن.


۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


حقيقت ائين ناهي: پر افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع بن بڪري آهي، تنهن بادشاهہ تي، يعني دائود تي، پنهنجو هٿ کنيو آهي: رڳو انهي جي ٻانهن ڪڍي ڏي تہ آءٌ شهر مان هليو ويندس. ۽ زال يوآب کي چيو تہ ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اُڇلائي توکي ڏني ويندي.


۽ دائود يروشلم ۾ پنهنجي گهر آيو؛ ۽ جيڪي ڏهہ زالون بادشاهہ جون سريتون هيون ۽ جن کي هو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هن کڻي بند ۾ وڌو، ۽ اتي کاڌو پهچائي پئي ڏنائين، پر ساڻن صحبت ڪانہ ٿي ڪيائين. انهيءَ طرح هو مرڻ جي ڏينهن تائين بند ٿيون پيون هيون، ۽ رناپڻ ۾ گذارينديون آيون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀني اسرائيلين ٻڌو تہ يربعام موٽي آيو آهي، تڏهن هنن اُنهيءَ کي ماڻهو موڪلي جماعت ۾ گهرايو، ۽ اُنهيءَ کي ساري اسرائيل قوم تي بادشاهہ ڪيائون: فقط يهوداہ جي فرقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ دائود جي گهراڻي جي پيروي نہ ڪئي.


پر جيڪي بني اسرائيل يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا، تن تي رحبعام بادشاهي ڪرڻ لڳو.


بيشڪ ڪميڻا ماڻهو بيهودا آهن، ۽ معتبر ماڻهو ڪوڙا آهن. جيڪڏهن انهن کي ساهميءَ ۾ توربو تہ اهي هوا کان بہ هلڪا آهن.


جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ