Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هنن اچي بيت معڪہ جي ابيل ۾ هن کي گهيرو ڪيو، ۽ هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو بند ٻڌو، ۽ اهو قلعي جي ڀت جي آڏو بيٺل هو: ۽ جيڪي ماڻهو يوآب سان هئا سي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ انهي کي ڌڪ هڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 سو يوآب جي لشڪر بيت‌معڪہ جي ابيل شهر ۾ سبع کي اچي گھيرو ڪيو. هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو دِڪو ٻڌو، جيڪو چاڙهيءَ جي صورت ۾ وڃي قلعي جي ڀت سان ٿي لڳو. پوءِ سڀ ماڻهو قلعي جي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ ڀت کي ڌڪ هڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو اسرائيل جي سڀني فرقن وچان لنگهي ابيل، ۽ بيت معڪہ، ۽ سڀني بيرين ڏانهن ويو: ۽ اهي بہ سڀ گڏ ٿي هن جي پٺيان ويا.


۽ بن هدد بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ عيون، ۽ دان، ۽ ابيل بيت معڪہ، ۽ سڄي ڪنرت کي، نفتاليءَ جي ساري ملڪ سميت ماريائين.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


تنهنڪري اسور جي بادشاهہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ نہ ايندو، نڪي ڪو تير هڻندو، نڪي سپر کڻي انهيءَ جي اڳيان ايندو، نڪي انهيءَ جي سامهون بند ٻڌندو.


هڪڙو ننڍو شهر هو ۽ انهيءَ ۾ ٿورا ماڻهو هئا؛ ۽ هڪڙو وڏو بادشاهہ انهي تي چڙهي آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين، ۽ انهي جي سامهون وڏا دمدما ٻڌائين:


سو خداوند اسور جي بادشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ ڪين ايندو، نڪي هن تي تير هڻندو، نڪي ڍال کڻي هنجي اڳيان ايندو، نڪي هن جي سامهون ڪو بند ٻڌندو.


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ


ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي.


۽ انهي کي گهيرو ڪر ۽ انهي جي سامهون دمدما جوڙ، ۽ انهي جي سامهون هڪڙو بند ٻڌ؛ ۽ انهي جي سامهون لشڪرگاهہ جا تنبو کڙا ڪر، ۽ انهي جي چوڌاري ڀتين ڀڃڻ واريون ڪَلون بيهار.


ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ