Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هو اسرائيل جي سڀني فرقن وچان لنگهي ابيل، ۽ بيت معڪہ، ۽ سڀني بيرين ڏانهن ويو: ۽ اهي بہ سڀ گڏ ٿي هن جي پٺيان ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سبع ولد بڪريءَ ٻين بني اسرائيل وارن جي سڀني قبيلن جي علائقن وچان لنگھندو بيت‌معڪہ واري ابيل شهر وٽ آيو ۽ سندس سڄي گھراڻي وارا ڪٺا ٿي سندس پٺيان شهر ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو شاهي سڙڪ تان کڄي ويو تڏهن سڀ ماڻهو يوآب جي پٺيان ويا، انهيءَ لاءِ تہ سبع بن بڪريءَ جي پٺيان ڪاهي وڃن.


۽ هنن اچي بيت معڪہ جي ابيل ۾ هن کي گهيرو ڪيو، ۽ هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو بند ٻڌو، ۽ اهو قلعي جي ڀت جي آڏو بيٺل هو: ۽ جيڪي ماڻهو يوآب سان هئا سي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ انهي کي ڌڪ هڻڻ لڳا.


اليفلط بن احسبي، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، الي عام بن اخيتفل جلوني؛


۽ بن هدد بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ عيون، ۽ دان، ۽ ابيل بيت معڪہ، ۽ سڄي ڪنرت کي، نفتاليءَ جي ساري ملڪ سميت ماريائين.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


۽ بن هدد، بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين؛ ۽ انهن عيون، ۽ دان، ۽ ابيل مائم، ۽ نفتاليءَ جي سڀني گدامن وارن شهرن کي تباهہ ڪيو.


وري انهن اتان ڪوچ ڪيو ۽ بير وٽ آيا: هي اهو کوهہ آهي، جتي خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ