Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:10 - Sindhi Bible

10 پر جيڪا ترار يوآب کي هٿ ۾ هئي تنهن تي عماسا ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو: تنهنڪري هن اها سندس پيٽ ۾ لنگهائي وڌي، ۽ انهيءَ جا آنڊا ڪڍي زمين تي ڪيرائي وڌائين، ۽ وري ٻيو ڌڪ نہ هنيائينس؛ ۽ هو مري ويو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پر عماسا انهيءَ تلوار ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪا يوآب وري کڻي ڪري کاٻي هٿ ۾ جھلي. تڏهن هن اها عماسا جي پيٽ ۾ اهڙي تہ لنگھائي جو سندس آنڊا نڪري زمين تي اچي ڪريا. هو هڪدم مري ويو، سو يوآب مٿس ٻيو وار نہ ڪيو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شيءَ، سبع جو پيڇو جاري رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس.


۽ انهيءَ هوندي بہ هن ٻئي پاسي وڃڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجهانئس لنگهي پٺيان نڪري آيو، ۽ هو اتي ڪري پيو، ۽ انهيءَ هنڌ مري ويو: ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن هنڌ عساهيل ڪري مري پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو پئي آيا سي ماٺ ڪري بيهندا ويا.


۽ يوآب سڄي هٿ سان عماسا جي ڏاڙهي ورتي، انهي لاءِ تہ هن کي چُمي ڏي.


۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.


انهن کي ڪمانون هيون ۽ کانڀاڻيءَ سان پٿرن هڻڻ ۾، ۽ ڪمان سان تير چُٽڻ ۾، هو سڄو توڙي کٻو هٿ ڪم آڻي سگهندا هئا؛ اُهي سائول جي بنيميني ڀائرن مان هئا.


تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ڏهہ ماڻهو ساڻس هئا، تن اُتي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهي ملڪ تي حاڪم مقرر ڪيو هو، تنهن کي ترار سان ڌڪ هنيون ۽ ڪُٺائونس،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو دشمنيءَ جي ڪري ڪنهن کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي وجهہ وٺي ڪا شيءِ اُڇلائي هڻيس، جنهنڪري اهو مري پوي؛


پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي.


۽ اهود پنهنجو کٻو هٿ ڊگهو ڪري پنهنجي ساڄيءَ ران تان ترار ڪڍي هن جي پيٽ ۾ هنئي.


تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ