Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 20:1 - Sindhi Bible

1 ۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 20:1
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بنيمين جا پٽ؛ بلحہ، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روس، مفيم، حفيم ۽ آرد هئا.


پر ابي سلوم اسرائيل جي سڀني قومن ۾ جاسوس موڪليا، ۽ چوايائين تہ جنهن وقت اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن اوهين چئجو تہ ابي سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.


۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.


۽ سمعي لعنت وجهندي هيئن ٿي چيو تہ اي خوني شخص، اي شيطان آدمي، نڪري وڃ، نڪري وڃ،


۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.


تڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو دائود جي پٺ ڇڏي بڪري جي پٽ سبع جي پٺيان لڳا: پر يهوداہ جا ماڻهو يردن کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان لڳا آيا.


تڏهن اُها زال سياڻپ ڪري سڀني ماڻهن وٽ ويئي. ۽ هنن سبع بن بڪريءَ جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اُڇلائي ڏني. پوءِ هن قرناءِ وڄائي، ۽ هو شهر مان نڪري پکڙي پيا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي هليو ويو. ۽ يوآب موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ ويو.


پر سڀ بي دين ماڻهو ڪنڊن وانگر اُڇلايا ويندا، ڇالاءِ جو اهي هٿن سان کڻي نہ سگهبا.


۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.


۽ ٻہ خبيث ماڻهو، هن جي اڳيان حاضر ڪريو، ۽ اُهي سندس برخلاف شاهدي ڏيئي چون تہ هن خدا تي ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. ۽ پوءِ اُنهيءَ کي ٻاهر ڪڍي وڃو ۽ سنگسار ڪري ماريوس.


۽ جڏهن سڄي اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ اسان جي ڳالهہ نہ ٿو ٻڌي، تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان جو دائود ۾ ڪهڙو حصو آهي؟ يسيءَ جي پٽ ۾ اسان جو ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، اوهين سڀ پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن هليا وڃو: هاڻي اي دائود، پنهنجي گهر جي سنڀال رک. تڏهن سڀ اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.


۽ بادشاهہ رحبعام انهن پير مردن سان صلاح ڪئي، جي سندس پيءُ سليمان جي اڳيان سندس جيئري بيهندا هئا، ۽ چيائين تہ هنن ماڻهن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟


اي خداوند، اُٿ، هن جي سامهون ٿي، هن کي هيٺ ڪيراءِ: پنهنجيءَ ترار جي زور سان منهنجي جان کي شرير کان بچاءِ.


راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.


تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.


جيئن اڱر ٽانڊن لاءِ، ۽ ڪاٺيون باهہ لاءِ، تيئن جهيڙاڪ ماڻهو جهيڙي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.


۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.


پر سندس شهر جي ماڻهن جي ساڻس نٿي پيئي، تن پٺيانئس ايلچي ڏياري موڪليا، تہ اسان جي مرضي نہ آهي تہ ڪو هيءُ ماڻهو اسان تي بادشاهي ڪري.


ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.


پطرس چيس، تہ آئون پنهنجا پير توکي ڪڏهن بہ ڌوئڻ ڪين ڏيندس. يسوع جواب ڏنس، تہ جي پير نٿو ڌوئارين، تہ تنهنجو مون سان ڪو حصو ڪونهي.


تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛


هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن هن افرائيم جي ڪوهستان ۾ قرناءِ وڄائي، جنهن تي بني اسرائيل ڪوهستان مان لهي هيٺ آيا، ۽ هو سندن سردار ٿي هليو.


۽ هوءَ ويئي ۽ ٻنيءَ ۾ لاباري وجهڻ وارن جي پٺيان سنگ چونڊڻ لڳي: ۽ اتفاق سان ٻنيءَ جي انهيءَ حصي ۾ هن جو اچڻ ٿيو جو بوعز جو هو، جو اليملڪ جي قبيلي مان هو.


۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


هاڻي عيليءَ جا ٻہ پٽ شرير هئا؛ هو خداوند کي نہ سڃاڻندا هئا.


تڏهن دائود سان گڏ ويلن ماڻهن مان جيڪي شرير ماڻهو، ۽ خبيث هئا، تن ورندي ڏيئي چيو تہ هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا، تنهنڪري جيڪو لٽ جو مال اسان موٽائي هٿ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ اسين هنن کي نہ ڏينداسين، رڳو هر ڪنهن کي سندس زال ۽ ٻار ٻچا ڏينداسين، تہ انهن کي وٺي هو هليا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ