Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ انهيءَ کي جلعاد، ۽ آشرين، ۽ يزرعيل، ۽ افرائيم، ۽ بنيمين، ۽ سڄي اسرائيل تي بادشاهہ ڪيائين

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لياہ چيو تہ آءٌ نصيب واري آهيان؛ ڇالاءِ جو زالون مون کي واڌايون ڏينديون، تنهنڪري انهيءَ جو نالو آشر رکيائين.


(جڏهن سائول جو پٽ اشبوست اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو چاليهن ورهين جو هو، ۽ هن ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي). پر يهوداہ جي گهراڻي دائود جي پيروي ڪئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول جي گهراڻي جي وچ ۾ جنگ پئي هلي، تہ سائول جي گهراڻي ۾ ابنير زور ورتو.


۽ سائول جي ڀائرن بني بنيمين مان ٽي هزار: ڇالاءِ جو هيستائين هنن مان گهڻا سائول جي گهراڻي جا تابعدار رهندا آيا.


۽ بني افرائيم مان ويهہ هزار ۽ اٺ سؤ همت وارا بهادر مرد، جي پنهنجن ابن جي گهراڻن ۾ ناميارا هئا.


جلعاد منهنجو آهي، منسي بہ منهنجو آهي؛ افرائيم بہ منهنجي مٿي جو بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداهہ منهنجو عصو آهي.


۽ آشر جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛


۽ بني افرائيم جي سرحد، سندن قبيلن موجب هن طرح هئي: هنن جي موروثي حصي جي حد اُڀرندي پاسي عطاراٿ ادار کان وٺي بيٿ حورون مٿئين تائين هئي؛


اها سرحد تفوح مان نڪري اُلهندي ڏانهن قاناہ جي نهر تائين ويئي؛ جنهن وڃي سمنڊ تي پڄاڻي ڪئي. اهو آهي بني افرائيم جو ورثو، سندن قبيلن موجب؛


۽ انهيءَ سان گڏ بني افرائيم جي لاءِ متفرقہ شهر، ۽ انهن جا ڳوٺ، بني منسي جي ميراث واري حصي ۾ هئا.


منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.


۽ بني بنيمين جي فرقي جو ڪڻي وارو حصو، سندن قبيلن موجب هي آيو: ۽ انهن جي حصي جي سرحد بني يهوداهہ ۽ بني يوسف جي وچ ۾ آئي.


۽ يردن انهيءَ جي اُڀرندي واري حد هئي. اها هئي بني بنيمين جي ميراث، انهي جي چئني پاسن جي حدن موافق، ۽ سندن قبيلن موجب.


۽ انهن جي سرحد يزرعيل، ۽ ڪسولوٿ، ۽ شونيم؛


۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي.


پر آشري انهيءَ ملڪ جي رهندڙن ڪنعانين سان گڏ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن انهن کي نہ ڪڍيو.


هاڻي فلستين پنهنجا سڀ لشڪر افيق ۾ آڻي گڏ ڪيا: ۽ اسرائيلين يزرعيل ۾ جيڪو چشمو آهي تنهن جي پاسي ۾ آڻي تنبو هنيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ