Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:8 - Sindhi Bible

8 هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هوڏانهن سائول جو سپهہ‌سالار ابنير ولد نير سائول جي پٽ اشبوست کي ساڻ ڪري ڀڄي وڃي اردن درياءَ جي اوڀر واري شهر محنايم ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.


۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا.


پوءِ دائود محنايم ۾ آيو، ۽ ابي سلوم ۽ جيڪي اسرائيل جا ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ يردن لنگهي هن ڀر ٿيا.


۽ ابنير ۽ سندس ماڻهو اها سڄي رات عرباہ مان پنڌ ڪندا ويا؛ ۽ اهي يردن لنگهي هن ڀر ٿيا، ۽ بترون کي لتاڙي محنايم ۾ آيا.


تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.


۽ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اڄوڪي ڏينهن هڪڙو سردار ۽ هڪڙو وڏو ماڻهو اسرائيل ۾ ڪري پيو آهي؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول جي گهراڻي جي وچ ۾ جنگ پئي هلي، تہ سائول جي گهراڻي ۾ ابنير زور ورتو.


۽ سائول جي ڀائرن بني بنيمين مان ٽي هزار: ڇالاءِ جو هيستائين هنن مان گهڻا سائول جي گهراڻي جا تابعدار رهندا آيا.


۽ بني افرائيم مان ويهہ هزار ۽ اٺ سؤ همت وارا بهادر مرد، جي پنهنجن ابن جي گهراڻن ۾ ناميارا هئا.


۽ نير کي قيس ڄائو؛ ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن، ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.


۽ نير کي قيس ڄائو: ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن ڄائو ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.


۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛


۽ سائول جي زال جو نالو اني نوعم هو، جا اخي معض جي ڌيءَ هئي: ۽ سندس سپهہ سالار جو نالو ابنير هو، جو سائول جي چاچي نير جو پٽ هو.


۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.


۽ دائود ماڻهن کي، ۽ ابنير بن نير کي، وڏي سڏ چيو تہ اي ابنير، تون جواب نٿو ڏين ڇا؟ تڏهن ابنير ورندي ڏيئي چيو تہ تون ڪير آهين جو بادشاهہ کي ٿو سڏين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ