Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:7 - Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو هاڻي اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو آقا سائول مري ويو آهي ۽ يهوداہ جي قبيلي مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.


۽ هاڻي شل خداوند اوهان کي مهرباني ۽ سچ ڏيکاري: ۽ آءٌ اوهان کي انهيءَ مهربانيءَ جو عيوض ڏيندس، ڇالاءِ جو اوهان ائين ڪيو آهي.


هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛


پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ بادشاهہ وٽ حبرون ۾ آيا؛ ۽ بادشاهہ دائود هنن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو: ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


تنهن کانپوءِ هن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو، ۽ هن تي ڇٽ رکيائين ۽ شاهديءَ جي سند انهيءَ کي ڏنائين؛ ۽ اُنهن هن کي بادشاهہ ڪيو ۽ مسح ڪيائونس؛ پوءِ تاڙيون وڄائي چيائون تہ شل خدا بادشاهہ کي سلامت رکي.


۽ مون هنن کي ٻڌايو تہ منهنجي خدا جو هٿ مون تي چڱائيءَ لاءِ آهي؛ ۽ جيڪي بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ ٻڌايومان. تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي اڏايون. انهيءَ طرح هنن انهيءَ چڱي ڪم لاءِ پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا.


اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.


۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.


اي فلستيو، مضبوط ٿيو، ۽ همت جهلي مردن وانگي هلت ڪريو، تہ عبرانين جا غلام نہ ٿيو، جيئن هو اوهان جا ٿيا آهن: مردن وانگي همت سان وڙهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ