Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هاڻي شل خداوند اوهان کي مهرباني ۽ سچ ڏيکاري: ۽ آءٌ اوهان کي انهيءَ مهربانيءَ جو عيوض ڏيندس، ڇالاءِ جو اوهان ائين ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هاڻي شل خداوند اوهان کي مهربانيءَ ۽ وفاداريءَ جو اجر ڏئي. انهيءَ ڪم ڪرڻ ڪري اوهان کي آءٌ بہ انهيءَ نيڪيءَ جو عيوض ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود چيو تہ آءٌ ناحس جي پٽ حنون کي اهڙي مهرباني ڏيکاريندس جهڙي هن جي پيءُ مون کي ڏيکاري هئي. انهيءَ طرح دائود هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ پنهنجي نوڪرن جي هٿان معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ آيا.


جنهن صورت ۾ تون اڃا ڪالهہ ئي آيو آهين تڏهن اڄ توکي آءٌ پاڻ سان هيڏي هوڏي ڇو رُلايان؟ ڇالاءِ جو آءٌ جيڏي وڃي سگهندس اوڏي ويندس: تون موٽي وڃ، ۽ پنهنجي ڀائرن کي بہ موٽائي وٺيو وڃ؛ شل رحم ۽ سچ توسان هجي.


تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.


۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.


۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.


جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو.


۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور،


جي برائيءَ جي رٿ ڪن ٿا سي گمراهہ نہ آهن ڇا؟ پر رحم ۽ سچ انهن لاءِ هوندو جي چڱائيءَ جي رٿ ٿا ڪن.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛


مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو.


۽ انهن ماڻهن هن کي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن تون هيءَ اسان جي ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ اسان جي حياتيءَ جو عيوض اوهان جي سلامتي ٿيندي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند اسان کي هيءَ زمين ڏيندو، تڏهن اسين تو سان مهرباني ۽ سچائيءَ جي هلت سان پيش اينداسين.


۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ وڃو، اوهان مان هرڪا پنهنجي پنهنجي ماءُ جي گهر وڃي: شل خداوند اوهان سان مهرباني ڪري، جيئن اوهان هنن فوتين سان، ۽ مون سان مهرباني ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ