Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:4 - Sindhi Bible

4 ۽ يهوداہ جا ماڻهو آيا، ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري يهوداہ جي گهراڻي تي بادشاهہ ڪيو. ۽ هنن دائود کي چيو تہ يبيس جلعاد جا ماڻهو اهي آهن جن سائول کي دفن ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ يهوداہ جا ماڻهو حبرون ۾ آيا ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري کيس يهوداہ جي قبيلي مٿان بادشاهہ بڻايو. جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن ئي سائول کي دفن ڪيو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ دائود، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي سڏائي چيو، تہ يهوداہ جي بزرگن کي چئو تہ ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي گهر موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پوءِ پيا آهيو؟ جڏهن ڏسو ٿا تہ سڀني اسرائيلين بادشاهہ کي موٽي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو آهي.


۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن اسرائيل جي ماڻهن کي ورنديءَ ۾ چيو تہ هن ڪري جو بادشاهہ اسان جو ويجهو مائٽ آهي: تڏهن اوهين انهيءَ ڪري ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ اسان بادشاهہ جي خرچ تي ڪي کاڌو آهي ڇا؟ يا هن اسان کي ڪا بخشش ڏني آهي ڇا؟


۽ حبرون ۾ يهوداہ جي گهراڻي تي دائود جي بادشاهي ڪرڻ جو عرصو ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا هو.


تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.


۽ دائود کي وڃي ٻڌايائون تہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ، سائول جي سريت هيئن ڪيو آهي.


۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو:


۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ چڙهي ويا، ۽ دائود اهو ٻڌي قلعي ۾ لهي ويو.


پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ بادشاهہ وٽ حبرون ۾ آيا؛ ۽ بادشاهہ دائود هنن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو: ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


حبرون ۾ هن يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي، ۽ يروشلم ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ تي هن ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


تنهن کانپوءِ هن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو، ۽ هن تي ڇٽ رکيائين ۽ شاهديءَ جي سند انهيءَ کي ڏنائين؛ ۽ اُنهن هن کي بادشاهہ ڪيو ۽ مسح ڪيائونس؛ پوءِ تاڙيون وڄائي چيائون تہ شل خدا بادشاهہ کي سلامت رکي.


۽ جڏهن ساري يبيس جلعاد ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڇا ڪيو آهي،


پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ حبرون ۾ بادشاهہ وٽ آيا، ۽ دائود انهن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو؛ ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو، جيئن ڪ خداوند سموئيل جي معرفت حڪم ڪيو هو.


۽ انهن جا رئيس، جي هٿيار کڻي جنگ جي لاءِ تيار ٿيا ۽ جي حبرون ۾ دائود وٽ انهيءَ لاءِ آيا تہ خداوند جي حڪم موجب سائول کان حڪومت ڦيرائي هن کي ڏين، تن جو شمار هي آهي.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ