Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:32 - Sindhi Bible

32 ۽ هنن عساهيل کي کڻي سندس پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو، جا بيت الحم ۾ هئي. ۽ يوآب ۽ سندس ماڻهن اها سڄي رات پنڌ ڪيو، ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل حبرون ۾ پهتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 تڏهن يوآب ۽ سندس ماڻهن عساهيل کي کڻي بيت‌لحم ۾ سندس پيءُ جي قبرستان ۾ آڻي دفن ڪيو. پوءِ اهي سڄي رات پنڌ ڪندا پرهہ ڦٽيءَ مهل اچي حبرون شهر ۾ پهتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:32
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج.


پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃج، ۽ هنن جي قبرستان ۾ وڃي دفن ڪج. تڏهن هن چيو تہ جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ڪندس.


پر دائود جي نوڪرن بنيمين ۽ ابنير جي ماڻهن مان ٽي سؤ سٺ ماڻهو ماريا.


تنهن کان پوءِ اسرائيل جا سڀ فرقا حبرون ۾ دائود وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.


۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.


۽ يهوسفط پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ دائود جي شهر ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن سان دفن ٿيو: ۽ سندس پٽ يهورام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.


۽ جدعون بن يوآس وڏي عمر ۾ وفات ڪئي، ۽ ابيعزرين واري عفرہ ۾، سندس پيءُ يوآس جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.


تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ