Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:27 - Sindhi Bible

27 ۽ يوآب چيو تہ خدا جيئري جو قسم آهي تہ جيڪڏهن تون ايترو نہ چوين ها، تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پوي ها، ۽ صبح تائين هليو هلي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 يوآب چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جيڪڏهن تون ايترو نہ چوين ها تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جو صبح ٿيڻ تائين پيڇو ڪندو رهي ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:27
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابنير يوآب کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جوان ماڻهو اُٿي اسان جي اڳيان راند ڪن. ۽ يوآب چيو تہ ڀلي اُٿن.


تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ترار هميشہ پئي کائيندي ڇا؟ تون ايترو نٿو ڄاڻين تہ پڇاڙيءَ ۾ ڪَڙائي پيدا ٿيندي؟ تڏهن ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جي پٺيان نہ پون؟


تڏهن يوآب قرناءِ وڄائي ۽ سڀ ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا، ۽ وڌيڪ اسرائيل جي پٺيان نہ پيا، ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا.


جيئري خدا جو قسم آهي جنهن منهنجو حق کسي ورتو آهي؛ ۽ قادر مطلق منهنجي روح کي ستايو آهي؛


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.


سڀڪو ڪم صلاح مصلحت سان قائم ٿئي ٿو: ۽ تون سياڻي صلاح وٺي پوءِ جنگ ڪر.


تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.


۽ تو چيو تہ آءٌ هميشہ لاءِ بيگم ٿي رهنديس: جنهن ڪري تو اهي ڳالهيون دل تي نہ رکيون ۽ نہ تو انهن جي پڇاڙي ياد ڪئي.


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ