Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:19 - Sindhi Bible

19 ۽ عساهيل ابنير جي پٺيان پيو؛ ۽ ويندي مهل هو ابنير جي پٺيان لڳڻ کان نہ سڄي هٿ پاسي ڦريو ۽ نہ کٻي هٿ پاسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سو عساهيل ابنير جي پٺيان پيو ۽ بنا ڪيڏانهن مڙڻ جي سندس پيڇو ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.


تڏهن ابنير پٺتي نهاري چوڻ لڳو تہ عساهيل، اهو تون آهين ڇا؟ هن ورندي ڏني تہ اهو آءٌ آهيان.


تڏهن ابنير هن کي چيو تہ تون پنهنجي سڄي هٿ پاسي يا کٻي هٿ پاسي ڦري پؤ، ۽ جوان ماڻهن مان هڪڙي کي جهلي ان جي زرهہ هٿ ڪر. پر عساهيل هن جي پٺيان پوڻ کان ڪين مڙيو.


۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.


انهيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، ابنير کي ڪُٺو، ڇالاءِ جو هن انهن جي ڀاءُ عساهيل کي جبعون منجهہ جنگ ۾ ماريو هو.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ هو پنهنجي پيءُ دائود جي سڀني رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.


نڪي سڄي پاسي ڦر نڪي کٻي پاسي؛ پنهنجو پير بديءَ کان پري ڪر.


رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين.


تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن سڀ جي همت جهلي پيروي ۽ تعميل ڪجو، تہ اوهين انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ