Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:18 - Sindhi Bible

18 ۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ابي‌شي ۽ عساهيل اتي هئا. عساهيل ڊوڙڻ ۾ اهڙو تہ تکو هو جهڙو جھنگلي هرڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سائول ۽ يونتن پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ مزي جهڙا ۽ وڻندڙ هئا، ۽ مرڻ وقت بہ هو جدا نہ ٿيا، هو عقابن کان بہ تکا هئا، هو شينهن کان بہ زور وارا هئا.


هاڻي ضروياہ جي پٽ يوآب سهي ڪيو تہ بادشاهہ جي دل ابي سلوم ڏي مائل آهي.


۽ عساهيل ابنير جي پٺيان پيو؛ ۽ ويندي مهل هو ابنير جي پٺيان لڳڻ کان نہ سڄي هٿ پاسي ڦريو ۽ نہ کٻي هٿ پاسي.


منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي پنهنجين مٿانهين جاين تي ٿو رکي.


۽ يوآب جو ڀاءُ عساهيل انهن ٽيهن مان هڪڙو هو؛ الحنان، بيت الحم واري دودو جو پٽ؛


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب بن ضروياہ مون سان ڇا ڪيو، يعني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سردارن ابنير بن نير، ۽ عماسا بن يتر سان ڇا ڪيائين؛ جن کي هن ڪُٺو، ۽ صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين، ۽ جنگ وارو رت پنهنجي چيلهہ تي ٻڌل ڪمربند تي، ۽ پنهنجن پيرن ۾ پيل جُتيءَ تي وڌائين.


انهن کان سواءِ، لشڪرن جا بهادر مرد هي آهن؛ عساهيل ڀاءُ يوآب جو، الحنان پٽ دودو، جو بيت الحم جو هو؛


۽ جدين مان بهادر همت وارا مرد، جن کي جنگ جي تعليم مليل هئي، ۽ جي سپر ۽ نيزو ڪم آڻي سگهندا هئا، سي ڌار ٿي بيابان ۾ قلعي منجهہ دائود وٽ آيا؛ ۽ انهن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا، ۽ اهڙا تيز هئا جهڙا جبلن تي هرڻ؛


عزر جو سردار هو، ٻيو عبدياہ، ٽيون الياب؛


چوٿين مهيني لاءِ يوآب جو ڀاءُ عساهيل هو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ زبدياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.


هو منهنجا پير هرڻ جهڙا ٿو ڪري؛ ۽ مون کي مٿانهين جاين تي ٿو بيهاري.


آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.


جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي، ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ، بلڪ تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿي، جو باتر جي جبلن تي آهي.


اي منهنجا محبوب جلدي ڪر، ۽ هرڻ يا ٻٺڙي جهڙو ٿيءُ، جو مصالحن جي جبلن تي هجي.


تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو:


يهوواہ، خداوند منهنجي طاقت آهي؛ اُهو منهنجا پير هرڻي جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي منهنجين مٿانهين جاين تي هلائيندو.


تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ