Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:13 - Sindhi Bible

13 ۽ ضروياہ جو پٽ يوآب، ۽ دائود جا نوڪر نڪري ويا، ۽ جبعون جي ڍنڍ وٽ وڃي هنن کي گڏيا، ۽ هو ٻئي اُتي ويهي رهيا، هڪڙو ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڍنڍ جي ٻئي پاسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هيڏانهن يوآب، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو دائود جي ٻين چونڊ ماڻهن سان گڏ نڪري آيو. اهي ٻئي ٽولا جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي مليا. پوءِ هڪڙو ٽولو کوهہ جي هڪڙي پاسي رهي پيو ۽ ٻيو ٽولو ٻئي پاسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.


هاڻي يوآب اسرائيل جي ساري لشڪر جي مٿان هو: ۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو:


۽ جڏهن اهي انهيءَ وڏي پٿر وٽ پهتا جو جبعون ۾ آهي، تڏهن عماسا انهن جي گڏجڻ لاءِ آيو، ۽ يوآب کي جنگ جي پوشاڪ پيل هئي جا هن ڍڪي هئي، ۽ انهيءَ جي مٿان هڪڙو ڪمربند چيلهہ سان ٻڌل هوس جنهن سان ترار هئي، جا پنهنجي کپ ۾ پيل هئي؛ ۽ جيئن هو هلڻ لڳو تيئن اها ٻاهر ڪري پيئي.


۽ يوآب جو ڀاءُ عساهيل انهن ٽيهن مان هڪڙو هو؛ الحنان، بيت الحم واري دودو جو پٽ؛


۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:


هن يوآب بن ضروياہ، ۽ ابياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي: ۽ هو ادونياہ جي پٺيان لڳي سندس مدد ڪرڻ لڳا.


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب بن ضروياہ مون سان ڇا ڪيو، يعني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سردارن ابنير بن نير، ۽ عماسا بن يتر سان ڇا ڪيائين؛ جن کي هن ڪُٺو، ۽ صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين، ۽ جنگ وارو رت پنهنجي چيلهہ تي ٻڌل ڪمربند تي، ۽ پنهنجن پيرن ۾ پيل جُتيءَ تي وڌائين.


۽ دائود چيو تہ جيڪو پهرين پهرين يبوسين کي فتح ڪندو سو رئيس ۽ سردار ٿيندو. ۽ يوآب بن ضروياہ پهرين ڪاهي ويو ۽ اُهو سردار ڪيو ويو.


۽ انهن جون ڀينرون هيون ضروياہ ۽ ابيجيل. ۽ ضروياہ جا پٽ؛ ابي شئي، ۽ يوآب، ۽ عساهيل، ٽي ڄڻا.


چوٿين مهيني لاءِ يوآب جو ڀاءُ عساهيل هو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ زبدياہ هو: ۽ سندس حصي ۾ چوويهہ هزار هئا.


تڏهن هنن سڀيئي ماڻهو گڏ ڪيا ۽ اسماعيل بن نتنياہ سان وڙهڻ لاءِ آيا، ۽ انهي کي جبعون ۾ جتي وڏا تلاءُ آهن، اُتي لڌائون.


تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ