تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.
جنهن ڏينهن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو تنهن ڏينهن يشوع خداوند کي عرض ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين، تہ اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهہ.
جيڪڏهن اهو مون سان وڙهي سگهي ۽ مون کي ماري تہ پوءِ اسين اوهان جا ٻانها ٿينداسين: پر جي آءٌ هن تي غالب ٿيس، ۽ هن کي ماريم، تہ پوءِ اوهين اسان جا ٻانها ٿجو، ۽ اسان جي خدمت چاڪري ڪجو.