Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 2:1 - Sindhi Bible

1 انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ هليو وڃان؟“ خداوند چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ دائود وري پڇيو تہ ”ڪيڏانهن وڃان؟“ خداوند وراڻيس تہ ”حبرون ڏانهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 2:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام پنهنجو تنبو کڻي اچي ممريءَ جي شاهہ بلوط وٽ رهيو، جو حبرون ۾ آهي، ۽ اتي، خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين.


۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.


۽ چئن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ حبرون ۾ وڃي خداوند جي لاءِ جيڪا مڃتا مڃي اٿم سا پوري ڪريان.


۽ حبرون ۾ يهوداہ جي گهراڻي تي دائود جي بادشاهي ڪرڻ جو عرصو ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا هو.


۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.


۽ دائود چاليهہ ورهيہ اسرائيل تي بادشاهي ڪئي: ست ورهيہ هن حبرون ۾ بادشاهي ڪئي، ۽ ٽيٽيهہ ورهيہ يروشلم ۾.


خدا جي گهر جي ڪم لاءِ پنج هزار قنطار ۽ ڏهہ هزار درهم سون، ڏهہ هزار قنطار چاندي، ارڙهن هزار قنطار پتل، ۽ هڪ لک قنطار لوهہ ڏنو.


۽ صرعہ، ۽ ايالون، ۽ حبرون، جي يهوداہ ۾ ۽ بنيمين ۾ ڪوٽن وارا شهر آهن.


صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجهہ جي ڳالهہ ٻڌاءِ؛ ڇو تہ منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي: جنهن واٽ تي مون کي هلڻ گهرجي سا مون کي ڏيکار: ڇو جو آءٌ پنهنجيءَ جان کي تو سان ٿو لڳايان.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهن کان سواءِ اسرائيل جي گهراڻي وارا مون کي عرض ڪندا تہ آءٌ سندن لاءِ ائين ڪريان؛ آءٌ هنن کي ماڻهن سان ڌڻ وانگر وڌائيندس.


۽ هو ڏکڻ جي طرف کان مٿي چڙهيا، ۽ حبرون ۾ آيا؛ جتي عناق جو اولاد، اخيمان، ۽ سيسي، ۽ تلمي رهندا هئا، (هاڻي حبرون، مصر جي شهر ضعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.)


هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.


۽ يفنہ جي پٽ ڪالب کي هن بني يهوداہ سان گڏ حصو ڏنو، جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو، يعني عناق جي پيءُ اربع وارو شهر (جو حبرون آهي.)


۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟


تنهنڪري هن خداوند کان وري بہ پڇيو تہ ڪو ماڻهو اڃا بہ هتي اچڻو آهي ڇا؟ ۽ خداوند ورندي ڏني تہ ڏسو، هن پاڻ کي سامان جي وچ ۾ وڃي لڪايو آهي.


تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


۽ جبرون ۾، ۽ اُنهن سڀني جاين ڏي جتي دائود پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گهمندا ڦرندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ