Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن بادشاهہ اُٿيو، ۽ دروازي ۾ ويٺو. ۽ سڀني ماڻهن کي چيائون تہ ڏسو، بادشاهہ دروازي ۾ ويٺو آهي: پوءِ سڀ ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن بادشاهہ اٿيو ۽ شهر جي دروازي ۾ وڃي ويٺو. پوءِ جڏهن سڄي لشڪر کي ٻڌايو ويو تہ بادشاهہ شهر جي دروازي ۾ ويٺو آهي، تڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي اڳيان اچي گڏ ٿيا. انهيءَ وچ ۾ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄي هليا ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم سوير اُٿندو هو ۽ دروازي جي رستي جي ڀر ۾ بيهي رهندو هو: ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو هوندو هو جو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ آڻيندو هو، تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي سڏي چوندو هو تہ تون ڪهڙي شهر جو آهين؟ ۽ هو چوندو هو تہ تنهنجو ٻانهو اسرائيل جي هڪڙي فرقي منجهان آهي.


۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.


هاڻي دائود ٻن درن جي وچ ۾ ويٺو هو: ۽ پهري وارو دروازي جي ڇت تي چڙهي ڀت تائين ويو، ۽ اکيون مٿي کڻي نهاري ڏسي تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙي پيو اچي.


تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن آءٌ ڪندس. پوءِ بادشاهہ دروازي جي پاسي ۾ بيهي رهيو، ۽ سڀ ماڻهو سؤ سؤ ٿي ۽ هزار هزار ٿي لنگهندا ويا.


۽ ماڻهو انهيءَ ڏينهن لڪ چوري شهر ۾ گهڙي آيا، جهڙي طرح اهي ماڻهو جي جنگ ۾ ڀڄي ويندا آهن، ۽ شرم کان لڪي نڪري ويندا آهن.


۽ سج لهڻ ڌاري ساري لشڪر مان اها دانهن نڪتي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي شهر ڏانهن ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃي.


۽ يهوداہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي؛ ۽ سڀ ماڻهو پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ڀڄي ويا.


تڏهن يهورام، لنگهي صعير ڏانهن ويو، ۽ سندس سڀ رٿ ساڻس هئا: ۽ هو رات جو اُٿيو ۽ جن ادومين هن کي گهيرو ڪيو هو، تن کي ۽ رٿن جي سردارن کي شڪست ڏنائين: ۽ ماڻهو پنهنجن تنبن ڏانهن اُٿي ڀڳا.


۽ فلستي اُٿي وڙهيا ۽ اسرائيلين شڪست کاڌي، ۽ اُهي سڀ ڀڄي پنهنجن تنبن ۾ آيا: ۽ ڏاڍو ڪوس ٿيو: ڇالاءِ جو اسرائيلين جا ٽيهہ هزار پيادا مارجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ