Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن يوآب بادشاهہ جي گهر گهڙي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ جن تنهنجن ٻانهن اڄ تنهنجي حياتي، ۽ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن جون حياتيون، ۽ تنهنجين زالن، ۽ تنهنجين سريتن جون حياتيون بچايون آهن، تن سڀني جا منهن تو اڄ شرمندا ڪيا آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن يوآب بادشاهہ جي گھر ۾ گھڙي آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو اڄ پنهنجي انهن سڀني لشڪر وارن کي شرمندو ڪيو آهي، جن تنهنجي حياتي، تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جون حياتيون ۽ تنهنجين زالن ۽ سريتن جون حياتيون بچايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.


۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ، هاءِ ابي سلوم منهنجا پٽ، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!


جو تون انهن کي پيار ڪرين ٿو جي توکي ڌڪارين ٿا، ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جي توکي پيار ٿا ڪن. ڇالاءِ جو تو اڄوڪي ڏينهن ظاهر ڪيو آهي، تہ سردار توڙي ٻانها، تنهنجي اڳيان ڪي ڪين آهن: ڇالاءِ جو اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جي ابي سلوم جيئرو هجي ها، ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿين ها.


۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.


تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.


نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ