Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:43 - Sindhi Bible

43 ۽ اسرائيل جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جون بادشاهہ ۾ ڏهہ پتيون آهن، ۽ دائود ۾ اسان جو اوهان کان زيادہ حق بہ آهي: تڏهن اوهان اسان کي ڇو ٿي حقير سمجهيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پهرين اسان جي صلاح نہ ورتوَ؟ ۽ يهوداہ جي ماڻهن جون ڳالهيون اسرائيل جي ماڻهن جي ڳالهين کان وڌيڪ شوخ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 تڏهن بني يهوداہ جي ماڻهن کي ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جا ڏهہ قبيلا هئڻ ڪري دائود بادشاهہ تي اوهان کان وڌيڪ اسان جو حق آهي، تڏهن اوهان ڇو اسان کي حقير سمجھيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ اوهان پهريائين اسان کان صلاح نہ ورتي؟“ پر بني يهوداہ جي ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي وڌيڪ سختيءَ سان جواب ٿي ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:43
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دل اهڙي موڙي ڇڏي جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ جي دل؛ جو انهن بادشاهہ ڏي چوائي موڪليو تہ تون ۽ تنهنجا نوڪر سڀ موٽي اچو.


هاڻي سڀ اسرائيلي پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ تڪرار ٿي پيو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ بادشاهہ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايو آهي، ۽ اسان کي فلستين جي هٿان بچايو آهي؛ پر هاڻي هو ابي سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي.


۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.


تنهن کان پوءِ اسرائيل جا سڀ فرقا حبرون ۾ دائود وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.


۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.


مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.


رنج ٿيل ڀاءُ کي راضي ڪرڻ مضبوط شهر کي فتح ڪرڻ کان مشڪل آهي: ۽ اهڙا جهيڙا ڪوٽ جي گزن وانگر آهن.


بديءَ کان هارجي نہ وڃو، پر نيڪيءَ جي ذريعي بديءَ تي غالب پئو.


پر جيڪڏهن اوهين هڪ ٻئي کي چڪ ٿا هڻو ۽ ڳهي ٿا وڃو، تہ خبردار ٿيو ڇوتہ انهي ڪري هڪ ٻئي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.


بت پرستي، جادوگري، عداوتون، جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، جدائيون، بدعتون،


اسان کي گهرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ هڪ ٻئي کي چيڙايون، ۽ نہ هڪ ٻئي ڏانهن بغض رکون.


نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛


ڇالاءِ جو انسان جي ڪاوڙ مان اهڙا ڪم ٿي نٿا سگهن، جي خدا جي راستبازيءَ موجب آهن.


۽ افرائيم جي ماڻهن هن کي چيو تہ ڇالاءِ تو اسان سان اهڙي هلت ڪئي آهي، جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين، تڏهن اسان کي نہ سڏيَئِي؟ ۽ هو انهيءَ سان تکو ڳالهائڻ لڳا.


۽ خدا ابيملڪ ۽ سڪم جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪڙو خراب روح موڪليو؛ ۽ سڪم جي ماڻهن ابيملڪ سان دغا ڪئي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ