Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:39 - Sindhi Bible

39 ۽ سڀ ماڻهو يردن لنگهي پار ويا، ۽ بادشاهہ بہ پار لنگهيو: پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چُمي ڏني، ۽ دعا ڪيائينس؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ ڏي موٽي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 تڏهن بادشاهہ سان گڏ سڀيئي ماڻهو اردن درياءُ ٽپي پار آيا. پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چمي ڏيئي کيس دعا ڪئي ۽ برزلي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:39
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.


شل خدا، قادر مطلق توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي، ۽ تو مان گهڻيون قومون پيدا ٿين.


۽ لابن صبح جو سوير اُٿيو ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي چميائين، ۽ کين برڪت ڏنائين: پوءِ لابن روانو ٿيو ۽ موٽي پنهنجي گهر آيو.


۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي چُميو ۽ ساڻن رنائين: تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.


پوءِ يعقوب فرعون کي برڪت ڏيئي وٽانئس ٻاهر آيو.


پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي وٺي آيو، ۽ آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريائينس: ۽ يعقوب فرعون کي برڪت ڏني.


۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چيو تہ نہ منهنجا پٽ، اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، متان توتي بار ٿي پئون. پر هن کيس زور ڪيو: تڏهن بہ هن وڃڻ جي نہ ڪئي، مگر هن کي خير جي دعا ڪيائين.


تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ انهي کي ائين چيائين: ۽ جڏهن هن ابي سلوم کي گهرايو تڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو، ۽ بادشاهہ جي اڳيان زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: ۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چُميو.


۽ بادشاهہ ورندي ڏني تہ ڪمهام مون سان گڏجي پار هلندو، ۽ آءٌ ساڻس ائين ڪندس جيئن توکي مناسب ڏسڻ ۾ ايندو: ۽ جيڪي تون مون کان گهرندين سو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.


۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن لشڪرن جي خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.


پوءِ دائود پنهنجي گهراڻي کي برڪت ڏيڻ لاءِ موٽي آيو. ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود کي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ اڄ اسرائيل جو بادشاهہ ڪهڙو نہ جلال وارو هو جو هن پاڻ کي پنهنجن نوڪرن جي ٻانهين جي ڏسندي اُگهاڙو ڪيو، جيئن ڪ ڪميڻو ماڻهو بي شرم ٿي پاڻ کي اُگهاڙو ڪري.


۽ هو ڏاند ڇڏي ايلياہ جي پٺيان ڊوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي چُمي اچان، ۽ پوءِ تنهنجي پٺيان ايندس. ۽ هن کيس چيو تہ موٽي وڃ؛ ڇالاءِ جو مون توکي ڇا ڪيو آهي؟


پوءِ بلعام اُٿي روانو ٿيو، ۽ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويو، ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


۽ هنن سڀني زار زار رُنو ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چُميائونس،


سڀني ڀائرن کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام ڏجو.


۽ هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون: ۽ عرفہ پنهنجي سس کي چُميو؛ پر روٿ هن کي چهٽي پيئي.


تڏهن دائود سائول سان قسم کنيو. ۽ سائول گهر هليو ويو؛ پر دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهي قلعي ۾ وڃي رهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ