Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:37 - Sindhi Bible

37 آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي ڇڏ تہ موٽي وڃان، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي قبر جي پاسي ۾ وڃي مران. پر ڏس، تنهنجو غلام ڪمهام، ڀلي تہ اهو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ سان گڏجي پار لنگهي؛ ۽ جيڪي توکي وڻي سو انهيءَ سان ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 سو پنهنجي ٻانهي کي موٽي وڃڻ جي اجازت ڏيو، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾ وڃي زندگيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪريان، جتي منهنجي ماءُ پيءُ جي قبر آهي. باقي منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي جي پٽ ڪمهام کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي رهائي ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو انهيءَ لاءِ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:37
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃج، ۽ هنن جي قبرستان ۾ وڃي دفن ڪج. تڏهن هن چيو تہ جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ڪندس.


پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ ڏس هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا اوهان سان هوندو، ۽ اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ وٺي ويندو.


ڇالاءِ جو سندس پٽ کيس ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا، ۽ کيس مڪفيلہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيائون، جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو، ممريءَ جي سامهون، عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو هو.


تنهنجو ٻانهو رڳو بادشاهہ سان گڏ يردن پار لنگهندو: ۽ ڇالاءِ بادشاهہ مون کي انهيءَ جي عيوض اهڙو انعام عطا ڪري؟


۽ بادشاهہ ورندي ڏني تہ ڪمهام مون سان گڏجي پار هلندو، ۽ آءٌ ساڻس ائين ڪندس جيئن توکي مناسب ڏسڻ ۾ ايندو: ۽ جيڪي تون مون کان گهرندين سو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.


انهيءَ طرح بادشاهہ جلجال ڏي لنگهي ويو، ۽ ڪمهام ساڻس گڏ ويو: ۽ يهوداہ جي ساري قوم ۽ اسرائيل جي اڌ قوم بہ بادشاهہ کي لنگهائي وٺي آئي.


پر موٽي آئين، ۽ جنهن هنڌ بابت هن توکي چيو تہ نہ ماني کائج ۽ نہ پاڻي پيئج، انهيءَ هنڌ تو ماني کاڌي آهي ۽ پاڻي پيتو آهي؛ تنهنڪري تنهنجو لاش تنهنجي ابن ڏاڏن جي قبر ۾ نہ ايندو.


پر برزلي جلعاديءَ جي پٽن کي مهرباني ڏيکارج، ۽ هو انهن ۾ شامل ٿين جي تنهنجي دسترخاني تي ماني کائيندا: ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي سلوم کان ڀڳو هوس تڏهن هو بہ مون سان ائين ئي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.


۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛


۽ هو روانا ٿيا ۽ ڪمهام جي سراءِ ۾ وڃي رهيا، جا بيت الحم جي ڀرسان آهي، انهيءَ لاءِ تہ مصر ۾ وڃي داخل ٿين،


ڇالاءِ جو هاڻي آئون قربان ٿيڻ تي آهيان، ۽ منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي.


۽ ڏسو، اڄ آءٌ انهيءَ پاسي ٿو وڃان جنهن پاسي سارو جهان وڃڻو آهي: ۽ اوهين سڀ پنهنجين دلين ۽ روح ۾ ڄاڻو ٿا، تہ جيڪي چڱيون ڳالهيون خداوند اوهان جي خدا اوهان جي نسبت ۾ ڪيون، تن مان هڪڙي ڳالهہ بہ نہ گُٿي آهي؛ سڀ اوهان جي لاءِ پوريون ٿيون آهن، ۽ هڪڙي ڳالهہ بہ انهن مان گهٽ نہ ٿي آهي.


جو آئون ڄاڻان ٿو تہ منهنجي جسم ڇڏڻ جو وقت جلد اچڻو آهي، جيئن ڪ اسان جي خداوند يسوع مسيح مون کي چتايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ