Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:29 - Sindhi Bible

29 تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ آءٌ چوان ٿو تہ تون ۽ ضيبا زمين ورهائي وٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ”انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ تون ۽ ضيبا سائول بادشاهہ جي زمين پاڻ ۾ ورهايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:29
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


۽ مفيبوست بادشاهہ کي چيو تہ جنهن صورت منهنجو ڌڻي بادشاهہ صحيح سلامت پنهنجي گهر موٽي آيو آهي تڏهن هو ڀلي سڀ هٿ ڪري.


۽ سائول جي گهراڻي مان هڪڙو ٻانهو هو، جنهن جو نالو ضيبا هو، ۽ انهيءَ کي سڏي دائود وٽ آندائون؛ ۽ بادشاهہ انهيءَ کي چيو تہ تون ضيبا آهين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو اهو ئي آهي.


۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.


تڏهن بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ جيڪا بہ سائول جي ۽ سندس گهراڻي جي ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي ڌڻيءَ جي پٽ کي ڏيئي ڇڏي آهي.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس.


اوهين ڪيستائين بي انصافي ڪندا، ۽ بڇڙن جي پاسخاطري ڪندا؟


جيڪو ٻڌڻ کان اڳي جواب ڏئي ٿو تنهنجي لاءِ اهو بي عقلي ۽ شرمندگي آهي.


پر جيڪڏهن اهي اهڙا سوال آهن، جن جو واسطو لفظن ۽ نالن ۽ خاص اوهان جي شريعت سان آهي، تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي، منهنجي مرضي نہ آهي تہ آئون انهن ڳالهين جو منصف ٿيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ