Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:27 - Sindhi Bible

27 ۽ هن منهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ تنهنجي ٻانهي جي شڪايت ڪئي آهي؛ پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ خدا جي هڪڙي ملائڪ جهڙو آهي: تنهنڪري جيڪي تنهنجي نظر ۾ مناسب اچي تيئن ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اٽلندو هن منهنجي آقا بادشاهہ وٽ اچي اوهان جي ٻانهي تي تهمت هنئي آهي. پر جيئن تہ منهنجو آقا بادشاهہ پرکڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي، تنهنڪري جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:27
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن تنهنجي ٻانهيءَ چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ ڀلي منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي ڳالهہ تسلي جهڙي هجي: ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي سڃاڻڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي.


تنهنجي ٻانهي يوآب ڳالهہ جي رخ مٽائڻ لاءِ ائين ڪيو آهي: ۽ منهنجو ڌڻي خدا جي فرشتي جهڙو عقلمند آهي، جو زمين تي جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو.


۽ بادشاهہ چيو تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ڪٿي آهي؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو يروشلم ۾ ٿو رهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ اڄ اسرائيل جو گهراڻو مون کي پنهنجي پيءُ جي بادشاهي موٽائي ڏيندو.


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.


۽ انهيءَ سان هزار بنيمين جا ماڻهو، ۽ سائول جي گهراڻي جا نوڪر ضيبا، ۽ سندس پندرهن پٽ، ۽ ويهہ ٻانها گڏ هئا، ۽ اهي بادشاهہ جي اڳيان يردن لنگهيا.


انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.


۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس.


جو پنهنجيءَ زبان سان گلا نٿو ڪري، نڪي پنهنجي دوست سان برائي ٿو ڪري، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي بدنامي ٿو ڪري.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.


اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کان خبردار رهي، ۽ پنهنجي ڪنهن بہ ڀاءُ تي اوهين ڀروسو نہ رکو: ڇالاءِ جو سڀڪو ڀاءُ ضرور دغا ڪندو، ۽ سڀڪو پاڙيسري گلا غيبت ڪندو.


۽ اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي خبر آهي تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي هڪڙي فرشتي جهڙو چڱو آهين: انهي هوندي بہ فلستين جي سردارن چيو آهي تہ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ