Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:24 - Sindhi Bible

24 ۽ سائول جو پٽ مفيبوست بادشاهہ جي استقبال لاءِ لهي آيو؛ ۽ جنهن ڏينهن بادشاهہ روانو ٿيو تنهن کان وٺي وري صحيح سلامت موٽي گهر اچڻ جي ڏينهن تائين هن نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئائين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڌوتا هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ سائول جو پوٽو مفيبوست بادشاهہ جي استقبال ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيو. جنهن ڏينهن بادشاهہ يروشلم کي ڇڏي نڪتو هو، تنهن ڏينهن کان وٺي بادشاهہ جي وري سلامت موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين مفيبوست نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئي ۽ نہ وري پنهنجا ڪپڙا ئي ڌوتا هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود زمين تان اُٿيو، ۽ غسل ڪيائين، ۽ پاڻ کي تيل مکيائين ۽ ڪپڙا بدلايائين؛ پوءِ هو خداوند جي گهر ۾ آيو، ۽ سجدو ڏنائين: پوءِ هو پنهنجي گهر آيو، ۽ سندس گهرڻ تي ماني اڳيان رکي ڏنائونس، ۽ اها هن کاڌي.


۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


۽ بادشاهہ چيو تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ڪٿي آهي؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو يروشلم ۾ ٿو رهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ اڄ اسرائيل جو گهراڻو مون کي پنهنجي پيءُ جي بادشاهي موٽائي ڏيندو.


تڏهن ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڪندو، ان موجب تنهنجو ٻانهو ڪندو. باقي مفيبوست جي نسبت ۾ بادشاهہ چيو تہ، هو بادشاهہ جي پٽن وانگر منهنجي دسترخاني تي کائيندو.


۽ ڏس، توسان سمعي بن جيرا، جو بحوريم جو رهندڙ بنيميني آهي؛ انهيءَ مون تي محنايم ۾ وڃڻ واري ڏينهن سخت لعنت وڌي هئي: پر هو يردن وٽ منهنجي استقبال لاءِ لهي آيو، ۽ مون خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ آءٌ کيس ترار سان قتل نہ ڪندس.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي اڄ ۽ سڀاڻي انهن کي مخصوص ڪر، ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن،


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين.


۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ