Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 19:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن دائود چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي، جو اوهين اڄ منهنجا مخالف ٿيو؟ اڄوڪي ڏينهن اسرائيل ۾ ڪو ماڻهو قتل ڪبو ڇا؟ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو ڄاڻان ڇا تہ اڄ آءٌ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ آهيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر دائود ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! اوهان جو انهيءَ ۾ ڪهڙو واسطو، جو اڄ اوهين منهنجا مخالف ٿا بڻجو؟ ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڄاڻان تہ اڄ آءٌ سڄي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيو آهيان؟ پوءِ ڇا اڄوڪي ڏينهن بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو قتل ڪيو وڃي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 19:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟


۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.


تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان.


۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.


۽ هڪڙو تخت رحم جي ڪري قائم ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ تي دائود جي تنبوءَ مان هڪڙو سچائيءَ سان عدالت لاءِ ويهي انصاف ڪندو ۽ راستبازيءَ تي قائم رهندو.


۽ ڏسو، هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي ابنِ خدا، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو؟ تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين ڇا؟


۽ سائول چيو تہ اڄ ڪوبہ ماڻهو قتل نہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو اڄ خداوند اسرائيل کي ڇوٽڪارو ڏنو آهي.


خداوند ائين نہ ڪري تہ آءٌ خداوند جي مسح ٿيل تي پنهنجو هٿ ڊگهيريان: پر هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪو نيزو سندس سيرانديءَ کان کُتل آهي سو، ۽ پاڻي جي صراحي کڻي اچ تہ هليا هلون.


تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ